لاڙڪاڻي جا کنڀيل 6 ڄڻا اڃا اسير، آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 6 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ڪراچي مان 23 آگسٽ 2020ع  تي کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوان ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو جي امڙ مسمات رحمت خاتون سومرو، لاڙڪاڻي مان 29 مئي 2017ع تي کنڀي گم ڪيل نوجوان انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ ۽ افسانه دايو، شهر جي ايوب ڪالوني مان 3 آگسٽ 2018ع تي کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ جي والد عبدالڪريم ٽڳڙ، 26 نومبر 2019ع تي کنڀي گم ڪيل نوجوان غلام عمر مغيري جي ڀاءُ ضياءُ الدين مغيري ۽ مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي کنڀي گم ڪيل اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي جي والد عبدللطيف سولنگي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي اسان جي پيارن کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته پيارن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ قهرام متل آهي ۽ اسان جون سموريون خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون آهن. هنن چيو ته اسان پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ روز جي بنياد تي پريس ڪلب اڳيان پر امن احتجاج ڪري ملڪ جي اعليٰ ادارن کي اپيلون ڪندا رهون ٿا، پر افسوس جو هن وقت تائين اسان جي دانهن ڪنهن به نه ٻڌي آهي، جيڪڏهن اسان جا پيارا ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي ته کين ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪري سندن مٿان ڪيس هلايا وڃن، پر جي هو بيگناھ آهن ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن جا معصوم ٻچڙا پنهنجي والدين کي ياد ڪندي لڙڪ لاڙي روئي ٿا پون، جن معصومن بابت اسان ڪجھ بيان به نه ٿا ڪري سگهون. هنن لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪري اسان جون خوشيون واپس ڪيو وڃن.

سچل ڳوٺ ۾ عورت تحريڪ طرفان پرشاڪماري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ بک هڙتال

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) سنڌ عورت تحريڪ طرفان سچل ڳوٺ ۾ جبري مذھب تبديل ڪرڻ ۽  پرشا ڪماري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، جنھن ۾ پرشا ڪماري کي انصاف ڏيو، رياست کي مذھب کان الڳ ڪيو – جبري مذھب تبديل ڪرڻ بند ڪيو جا نعرا لڳايا ويا ۽ اھو مطالبو ڪيو ويو ته پرشا ڪماري کي وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ صبور شاھه کي گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏني وڃي، سنڌ عورت تحريڪ جي اڳواڻ سلميٰ جوڻيجو ڳالھائيندي چيو ته راجا ڏاھر جي وقت کان وٺي سنڌ جون نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون ـ جيڪو سلسلو مذھب جي نالي تي بند ٿيڻ گھرجي، سنڌ جي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪيو وڃي ٿو. پرشا ڪماري جيڪا نابالغ چوڏنھن سالن جي ڇوڪري آھي ان کي صبور شاھه اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرايو جيڪو ھن رياست جو قانون اجازت ئي نٿو ڏئي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امداد سنڌي چيو ته  رياست جو قانون مطابق ارڙنھن سالن گھٽ واري جي شادي ۽ جبري مذھب تبديل ڪرڻ قانون مطابق ڏوهھ آھي، ان ڪري پرشا ڪماري سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ان کي وارثن حوالي ڪيو وڃي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ملھار جتوئي چيو ته جڏھن رياست جي قانون مطابق ڪنھن شھري جو ڪارڊ ارڙنھن سالن جي عمر کانپو۽ ٺھي ٿو ته ھڪ نابالغ چوڏنھن سالن جي ڇوڪري جو جبري مذھب ڪيئن تبديل ڪري سگھجي ٿو ـ اھو ھن رياست جي قانون خلاف آھي، اھا ڄاڻي واڻي سنڌ جي رواداري واري ڪلچر کي باھ لڳائي ٿي وڃي جنھـن کي اسان سنڌ واسين کي ناڪام ڪرڻو آھي، نه ته اھا باھه سڄي سنڌ کي ساڙي ڇڏيندي، سنڌ قومي تحريڪ جي اڳواڻ افروز ڪٽپر چيو ته پرشا ڪماري کي وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ صبور شاھه کي گرفتار ڪيو وڃي.

نوابشاهه مان نينگر مهيني کان گم، وارثن کي اغوا شڪ

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ بخشڻ جمالي ۾ 16 ورھين جو نينگر گلزار احمد ولد سوائي خان جمالي. گذريل ھڪ مھيني کان گم آهي، ان سلسلي ۾ نينگر جو ڀاءُ واحد علي جمالي پنھنجي مامي الھه وڌايو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پھچي ٻڌايو آهي ته منھن ننڍو ڀاءُ ھڪ مھينو پھريان گھران نڪري ويو ھو جيڪو ھن وقت تائين واپس نه اچي سگھيو آھي، ھن چيو ته اسان ڳولا ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون ليڪن منھنجي ڀاءُ جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، ھن چيو ته اسان کي شڪ آھي ته منھنجي ڀاءُ کي ڪير اغوا ڪري ويو آهي، ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته منھنجي ڀاءُ جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي.

حيدرآباد ۾ فريد آباد مان کنڀيل ڀائرن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) فريد آباد جي مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن امتياز خاصخيلي ۽ رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ سندن گهرڀاتين پاران ڪالهه ٻئي ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون اعلانيل 15 ڏينهن واري بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي امتياز ۽ رياض جي امڙ شرمان خاتون دانهيندي چيو ته امتياز ۽ رياض کي گهڻو وقت اڳ کڻي کين گم ڪيو ويو آهي، جن جو هينئر تائين ڪو به ڏس پتو ناهي مليو. هن چيو ته امتياز کي 20 جون جي ڏينهن شورا ڳوٺ ڄامشورو مان ۽ رياض کي 11 جولاءِ جي ڏينهن فريد آباد واري ڳوٺ الله ڏنو تيوڻو مان  گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي هينئر تائين گم آهن. هن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ بيگناهه آهن، جيڪڏهن هنن ڪو ڏوهه ڪيو به آهي ته جلد کين ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڪيس هلايو وڃي.17

سکر واسي پيرسن ڪراچي مان گم، وارث پريشان

سکر( رپورٽر) ڪراچي مان پيرسن گم، وارثن پاران ڳولها باوجود هٿ نه اچي سگھيو، خبرموجب سکر جي نوجوان صحافي سيد جواد علي شاهه جو نانو، مير معصوم شاهه لائبريري سکر جو اڳوڻو لائبريري 85 سالن جو سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد عبدالرحمان شاهه ڪراچي جي ڀٽائي ڪالوني واري علائقي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. سندس وارثن پاران ڳولها باوجود ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، سندس وارثن پاران ايڌي توڙي ٻين ادارن کي اطلاع پڻ ڏنو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ مختلف تنظيمن طرفان اڄ کنڀي گم ڪيل سمورن ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مارچ ڪري ڌڻو هنيو ويندو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، عوامي ورڪرز پارٽي، يوٿ اتحاد حيدرآباد ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ اڄ حيدرآباد ۾ منجهند 3 وڳي شھباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارچ جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. مارچ جي ميزباني ڪندڙ تنظيمن سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، سياسي ڪارڪنن، وڪيلن، انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.17

ڪنڌ ڪوٽ ۾ نينگري کي کنڀڻ جي ڪوشش، جوابدار پوليس حوالي

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ جي مدرسا محله جي رهائشي نينگري کي موٽرسائيڪل سوار اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مدرسا محله جي رهائشي نينگري رابعا کي موٽرسائيڪل سوار مدد علي شيخ مدرسا محله کان کنڀي کڻي وڃي رهيو هو ته اسٽيشن روڊ تان علائقي واسين ڏسي کين موٽرسائيڪل سوار کي روڪي ورتو ۽ نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي علائقي واسين جي روڪڻ تي جوابدار  مزاحمت ڪئي ۽ علائقي واسين سان جهيڙو ڪيو علائقي واسين گڏ ٿي نينگري کي اغوا ڪندڙ شخص کي علائقي واسين سوگهو ڪري ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو جنهن بعد سي سيڪشن پوليس پاران جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي ان سلسلي ۾ سي سيڪشن چوڪي انچارج اختيار احمد پنهيار جو چوڻ هو ته جوابدار کان اغوا ڪوشش واقعي جي پڇا ڳاڇا هلي پئي ۽ پوليس اهو به معلوم ڪري رهي آهي ته هي ڪهڙي گروه سان تعلق رکي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.