قمبر ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي موٽرسائيڪل چوري، اين سي داخل

قمبر  (ڊ ر)  قمبر جي پي ٽي آءِ اڳواڻ نثار احمد ڏيپر جي موٽرسائيڪل جناح باغ قمبر وارھ واري اسٽاپ لڳ عبدالجبار مگسي جي  نلڪن واري دڪان آڏو چوري ٿي وئي قمبر سٽي ايس ايڇ او نور محمد ابڙو پوليس ٽيم سميت واقعي واري ھنڌ پھچي واقعي جا تفصيل ورتا قمبر سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل  ڪئي وئي آھي، پي ٽي آءِ  ضلع قمبر شھدادڪوٽ جي صدر سردار محمد علي خان ھڪڙو،حافظ عزير گل جاگيراڻي،سراج احمد چانڊيو،صدام حسين گوپانگ، دين محمد چانڊيو جي واقعي جي مذمت ڪئي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته موٽرسائيڪل چوري واقعا روز جو معمول بڻيل آھن هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري   ٿيل موٽرسائيڪليون واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.