اسلام ڪوٽ ۾ مافيا کير بهاني منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڌل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ پوليس نشي آور پُڙين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو،پوليس ڪارروائي ڪندي ڇاڇري تعلقي جي ٻن وڏن سفينا پُڙين جي ڊيلرن سميت چئن ڄڻن کي پابندي پيل پُڙين جي ٻن ڪٽن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي،ا ُن سلسلي ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر جي سخت هدايتن بعد ايس ايڇ او قربان راڄڙ ۽ سي آءِ اي پوليس اٽالن ساڻ ڪارروائي ڪندي هڪ لانگ جيپ تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن حُسين نهڙي ۽ شير محمد نهڙي کي نشي اور سفينا جون 10500 پُڙيون هٿ ڪري گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،اُنهي بعد شهر اندر ڪئبينن تي به نشي آور پُڙين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي،ٻُڌايو پيو وڃي ته گرفتار ٻئي ڄڻا ڇاڇري کان سفينا پُڙين جي گاڏي ڀري اسلام ڪوٽ ۾ هڪ دُڪان تي رکي وڪرو ڪندا هئا،جن جي مُک ڊيلر جو به پولييس پتو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او وڌيڪ شهر اندر ڪاروائي ڪندي دلاور وڪيو،عطاءُ لنجو کي630 سفينا ۽ جي اين ڊي پُڙين سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،رابطي تي ايس ايڇ او قربان راڄڙ ٻُڌايو تہ نشي آور سفينا گٽڪا پُڙين خلاف ڪارروائي هلي پئي، سي آءِ اي پوليس سان گڏجي ڪاروائي ڪري ٻن ڄڻن کي پڪڙي ڪيس داخل ڪيو آهي، وڌيڪ ڪاروائي تيز ڪيون پيا، جتي به نشاندهي ٿي اُتي ڪارروائي ڪبي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.