وڌندڙ مهانگائي، حڪومت جي ناڪامي آهي

ايڊيٽوريل

رپورٽن موجب شماريات کاتي مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ پڌري ڪئي آهي جنهن موجب هفتي اندر بيضا في درجن 2 رپيا 8 پئسا مهانگا ٿيا آهن. جڏهن ته دال ماش 7 رپيا 36 پئسا، چڻن جي دال 2 رپيا 62 پئسا،  مسور (مهري) جي دال پوڻا 2 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي. ڪڻڪ رپورٽن موجب پرڏيهه مان گهرائڻ باوجود اٽي جي قيمتن ۾ واڌ هلندڙ آهي. 20 ڪلو اٽو 14 رپيا مهانگو ٿيو آهي. جڏهن

ته گيهه، کير ۽ ڏهي سميت 22 شئيون مهانگيون ٿيون آهن. ايل پي جي جو ساڍا 11 ڪلو وارو گهريلو سلينڊر 8 رپيا مهانگو ٿيو آهي. انهن شين جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب عوام اڳ ۾ ئي پريشان آهي. ان حوالي سان رپورٽون آهن ته پرڏيهه مان گهرايل ڪڻڪ جنهن جا ٽي جهاز ڪراچي بندرگاهه تي بيٺل آهن انهيءَ ڪڻڪ تي هاڻي وفاق صوبن کان سبسڊي وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسانجو ملڪ جيڪو زرعي ملڪ سمجهيو ويندو آهي تنهن ۾ مهانگائي جو معاملو ايئن آهي جيئن ”پاڻي مٿان جهوپڙا مورک اڃ مرن“. زراعت جي ٻئيءَ تي ويٺل ماڻهو زرعي شئين کان محروم رهن، يا مهانگائي وگهي سندن پهچ کان پري ٿينديون وڃن سا ڳالهه ثابت ٿي ته ڪري ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. مهانگائي جي معاملي تي وفاقي حڪومت پاڻ به اعتراف ڪندي رهي آهي ته اها ان تي ضابطي آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد به تسليم ڪيو آهي ته حڪومت کان کنڊ ۽ اٽي جو بحران صحيح معنيٰ ۾ سنڀلجي نه سگهيو آهي. ٻين حڪومتي وزيرن به پي ٽي آءِ جي پهرين ٻن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي جيڪا بريفنگ ڏني هئي تنهن ۾ هنن مڃيو هو ته حڪومت ٻن سالن ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي.

وفاقي حڪومت جي وزيرن جو مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ وارو اعلان اصل ۾ سندن ناڪامي جو اعتراف آهي جنهن کي اسان جيڪڏهن مجموعي طور تي سندن نااهليت تصور ڪيون ته اسان وٽ انجا پختا دليل آهن. پهرين ڳالهه ان حوالي سان اها آهي ته جيڪڏهن عوام جا مسئلا حڪومت جي اوليت تي نه هوندا ته پوءِ اهي معاملا ايئن ئي پٺتيرهجندا ويندا آهن. سو مهانگائي کي ختم ڪرڻ به حڪومت جي نمبر ون ايجنڊا نه ٿي لڳي، اهو ان مسئلي جو پهريون سبب آهي. پر جيڪڏهن اها حڪومت جي پهرين ايجنڊا آهي ته پوءِ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ جو سبب سندن نا اهلي ئي سمجهي ويندي ڇاڪاڻ ته جيئن مٿي اسان بيان ڪري چڪا آهيون ته زرعي ملڪ ۾ زرعي شئين جي ناپيد ۽ مهانگو ٿيڻ جو اصولي طور تي ڪو جواز نه هئڻ گهرجي. اسانجي ملڪ کي ته زرعي شئين ۾ خود ڪفيل هجڻ گهرجي. اسانجو ملڪ اصولي طور تي نه رڳو ملڪي کاڌ خوراڪ جون گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو پر انکي ايڪسپورٽ ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي ملڪ جي جي ڊي پي پڻ وڌائي سگهي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ حڪومت کي زراعت جي شعبي کي اوليت ڏئي ان کي ترقي وٺرائڻي پوندي، آبادگار طبقي کي غير معمولي سهولتون ڏيڻيون پونديون پر حقيقت اها آهي ته اسانجي ملڪ جو زرعي شعبو به حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان پٺتي پيل آهي ۽ اهوئي سبب آهي ته سان وٽ زرعي شئين جو ڪال آهي ۽ حالت ان جاءِ تي وڃي پهتي آهي جو هاڻي اسان کي زرعي شيون ڪڻڪ کنڊ وغيره به ٻاهران گهرائڻي ٿي پوي.

اها لاچاري اسانجن پنهنجن حڪومتي اعمالن جو نتيجو آهي. حڪومتي بي ڌياني ۽ لاتعلقي سبب نه وقت تي فصل پوکجن ٿا نه وقت تي لڻن ٿا. ڪمند جي آبادگارن سان حڪومتن اهڙو حشر ڪيو آهي جو اهي ڪمند جو فصل پوکڻ کان ئي توبهه زاري ڪري رهيا آهن. پوءِ کنڊ جو بحران ڇو نه ٿيندو ۽ بحران جي صورت ۾ کنڊ جي کوٽ ڇو نه ٿيندي ۽ کوٽ جي صورت ۾ کنڊ ڇو نه مهانگي ٿيندي. ڪمند جو فصل وقت تي ڪٽبو ته ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ زمين تيار ٿيندي. جڏهن ڪڻڪ ئي دير سان پوکبي ته ظاهر آهي ته فصل به دير سان ٿيندو. دير جي صورت ۾ مارڪيٽ اندر ڪڻڪ جي کوٽ محسوس ٿيندي ۽ کوٽ جي صورت ۾ ٻاهران گهرائڻ تي مجبور ٿينداسين ساڳي صورتحال سارين جي فصل ۽ ٻين زرعي فصلن سان به ٿيندي. آبادگارن کي سٺو ۽ وقت سر فصل پوکڻ جو ماحول ۽ سهولتون ڏيڻ حڪومت ۽ زراعت کاتي جو ڪم هوندو آهي. حڪومت کي گهرجي ته اهي آبادگارن کي سستو ۽ نج ٻج مهيا ڪري ڏي، صحتمند زراعت لاءِ زرعي دوائن جو سٺو انتظام ڪرڻ گهرجي. خود زراعت کاتي کي ترقي يافته بڻائڻ جي ضرورت آهي. جيئن اهو کاتو ملڪي زراعت سان ملڪ کي سراپا سون بڻائي ۽ ان جو لاڀ عوام کي ملي. زرعي شئيون سستيون ٿي عوام تائين پهچن.

ٻيو معاملو هڙادو مهانگائي جو به هوندو آهي. ان تي ڪنٽرول ڪرڻ وري ضلعي ۽ شهري انتظاميا جو ذمو هوندو آهي ته اهي کاڌ خوراڪ جي شئين جا درست اگهه يقيني بڻائين، اگهن جي لسٽ مارڪيٽن ۽ دڪانن تي لڳل هجي ته جيئن دڪاندار عوام کي ڦري لٽي نه سگهن. اصولي طور تي حڪومتي نظام موجود آهي، ان جو نيٽ ورڪ به آهي، طريقيڪار به موجود آهي پر پر ان جي ڪا مانيٽرنگ ناهي جنهن سبب ملڪ اند مهانگائي ٿي پئي وڌي ۽ رڪجڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي.

انهيءَ مجموعي صورتحال تي ڇا رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، اچرج جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو، ڇا عوام جو ڪو والي وارث ناهي، حڪومت کي ڪير چوڻ وارو ناهي، ڇا مهانگائي جي خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمون ڪا تحريڪ نه ٿيون هلائي سگهن، ڇا مهانگائي جي موضوع تي ۽ ٻين عوامي مسئلن تي روز ٽي وي ٽاڪ جا پروگرام نٿا ٿي سگهن ڇا انهن سڀني جون اوليتون به حڪومتن وانگر ڪي ٻيون آهن. جيڪڏهن حڪومت درست رخ ۾ پاليسيون نه ٿي جوڙي، عوامي مسئلن ڏانهن ڌيان نٿي ڏي ته ٻين سياسي ۽ سماجي ڌرين کي گهرجي ته مهانگائي کي عوام جو حقيقي اشو سمجهي ان جي واڳ هٿن ۾ جهلين ۽ عوام کي رستي تي آڻي حڪومت کي مجبور ڪن ته اها عوام جي مهانگائي مان جنڊ ڇڏائي يا ناڪامي کي قبول ڪندي اقتدار واپس عوام کي ڏي ته جيئن اهو ڪنهن ٻئي اميدوار کي آزمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.