درياهي ٻوڏ جي نقصانن جا ڪارڻ ۽ ان جو حل

ايڊووڪيٽ عبدالله ڇڄڻ

سنڌو درياهه سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ معاشي ڍانچي جي بنيادي حيثيت رکي ٿو، هن خطي جي وڏين ندين مان هڪ سنڌو درياهه چوماسي جي مينهن مان سڄي ملڪ توڙي پنجاب جي پنجن ندين جو پاڻي به سنڌ ۾ کڻي اچي ٿو ۽ سنڌي سمنڊ ۾ جذب ٿيڻ کان اڳ اتر کان ڏکڻ تائين تقريبن 600 ڪلوميٽر سنڌ ۾ وهي ٿو. انگريزن سکر بيراج جي تعمير ڪري سنڌ ۾ آبپاشي نظام متعارف ڪرايو هو. ورهاڱي کانپوءِ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج تعمير ڪري ان نظام هيٺ لکين ايڪڙ زمين آبپاشي ۽ زراعت هيٺ آندي وئي.
سنڌو درياهه جي ٻنهي بندن وچ ۾ کليل علائقي کي ڪچو چيو وڃي ٿو، جيڪو بنيادي طور تي پاڻيءَ جو لنگهه آهي. سکر بيراج وٽان 15 لک ڪيوسڪ وهڪري جي گنجائش رکي وئي هئي ته جيئن وڏي ۾ وڏي ٻوڏ به اتان لنگهي سگهي، ان حساب سان هيٺ ايترو ڪچو ڇڏيو ويو هو ته جيئن پاڻي پکڙجي بندن اندر وهي هيٺ نڪري وڃي. ڪچي جو اهو علائقو ان لحاظ کان نهايت زرخير پٽيءَ وارو آهي جو ان ۾ قدرتي جزا کڻي ايندڙ لٽ ٻوڏ جي پاڻي وهڻ کانپوءِ تري ۾ رهجي وڃي ٿي.

تاريخي طور ڪچي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن جو جياپو ٻوڏ کانپوءِ زرخيز لٽ تي ٿيندڙ فصلن، مال، مڇي ۽ ٻيلن جي شين تي هوندو هو. اهي رهواسي ڪچي ۾ عارضي رهائش ٺاهيندا هئا، جيڪا آبڪلاڻي ۾ پٽي بندن تي يا ان کان ٻاهر پڪي تي منتقل ٿي ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو وڏين ٻوڏن جي باوجود انساني جانين يا ملڪيتن جو نقصان نه ٿيندو هو پر وقت گذرڻ سان جيئن آبادي وڌي ۽ رهڻ لاءِ زمين گهٽجڻ لڳي ته ماڻهن ڪچي ۾ مستقل آباديون ٺاهڻ شروع ڪيون، مختلف طريقن سان قبضا ڪيا ويا، جڏهن ته ٻوڏن جو زور ٽوڙيندڙ ٻيلا وڍي زمين تي زراعت شروع ڪئي وئي، ڪچي اندر قائم آبادين کي روڊ، بجلي ۽ اسڪول جي سهولت فراهم ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪچي جو قدرتي نظام لتاڙجي ويو، نتيجي ۾ درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿيندو ويو. تربيلا ڊيم ۽ ٻيا بيراج ٺهڻ کانپوءِ وڏن وهڪرن جي آمد به گهٽجڻ لڳي ۽ درياهه جي پيٽ ۾ وڌيڪ زمين خالي ٿيندي وئي. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ هر سال سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذرندو هو، جنهن سان ڪچو هر سال ٻڏندو هو ۽ زمين ٻين مقصدن لاءِ خالي نه ٿيندي هئي. انهن سالن ۾ هر ٽئين سال سراسري طور پنج لک ڪيوسڪ جي وچولي ٻوڏ به ايندي هئي. تربيلا ڊيم ۽ ٻيا بيراج ٺهڻ کانپوءِ وچولي ۽ وڏي ٻوڏ جي آمد گهٽجي وئي، تنهن هوندي به ڪجهه سالن جي ساهي کانپوءِ ٻوڏ ايندي رهي ٿي. پهرين اها ٻوڏ نقصان نه ڪندي هئي پر هاڻي اها ٻوڏ جڏهن به اچي ٿي، نقصان به ڪري ٿي.

سنڌ ۾ 1950ع کان 2011ع وارن سالن دوران 2 وڏيون ٻوڏون اچي چڪيون آهن. 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ ڪنهن کان وسري آهي؟ ان سال دريائي وهڪرو ست کان اٺ لک ڪيوسڪ تائين سنڌ ۾ داخل ٿيڻو هو. البته جڏهن اهو وهڪرو سنڌ مان گذري رهيو هو ته ان ڏينهن ۾ ڏاکڻي پنجاب جي ڪوهه سليمان رينج ۾ شديد برساتون پيون، جن مان نيون وڏا وهڪرا کڻي اچي سنڌو دريا۾ ڇوڙ ڪيا، نتيجي ۾ درياهي ٻوڏ ڏهه لک ڪيوسڪ کان به وڌي وئي ۽ وڏي تباهي آئي. هن سال به سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وڌندڙ وهڪرن سبب سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، هزارين خاندان ڪچي کان لڏپلاڻ ڪري پڪي طرف وڌي مختلف ڳوٺن، علائقن ۽ شهرن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت رُخ ڪرڻ ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. سنڌو درياهه ۾ پاڻي چاڙهه کانپوءِ گڊو وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ سکر بئراج وٽ وچولي ۽ ڪوٽڙي وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آبپاشي عملدارن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن جي لاٿ اچڻ کانپوءِ به سندن هيٺين درجي جي ٻوڏ بدستور برقرار آهي، جڏهن ته گڊو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ مورو جا ڪچي وارا علائقا ڏينهون ڏينهن خراب صورتحال طرف وڌي رهيا آهن، اهڙي طرح حيدرآباد ضلعي انتظاميا سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه کي نظر ۾ رکندي درياهه جي ڪنارن ۽ درياهه جي پيٽ ۾ ويٺل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون ڪيون آهن. قاسم آباد ۽ لطيف آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنرن لاڳاپيل هنڌن جي ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌي رهيا آهن ان ڪري سحرش نگر جي علائقي کان ويندي حسين آباد زيرو پوائنٽ، لطيف آباد نمبر 10، کٿڙ، ملاڪاتيار روڊ ۽ مقبرو شريف تائين جيڪي به ماڻهو درياهه جي ڪپن ۽ درياهه جي ڪپن کان اندر ويٺل آهن اهي فوري طور تي محفوظ هنڌن طرف منتقل ٿين ته جيئن ڪو حادثو پيش نه اچي. ان کان اڳ ٻوڏ جي صورتحال کانپوءِ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به گڊو ۽ سکر بئراجن جو دورو به ڪري چڪو آهي، جنهن ڪجهه ڏينهن پهريان سکر وڃڻ کانپوءِ گڊو بئراج جو معائنو ڪيو ۽ اُتي موجود آبپاشي عملدارن کي پڻ هدايتون جاري ڪيون.

ميڊيا رپورٽن موجب ڳوٺاڻا جيڪي درياهه جي پاڻي کان بچڻ خاطر پنهنجا سر ته بچائي نڪتا آهن پر سندن لکين رپين جو قيمتي سامان توڙي چوپايو مال لڙهي ويو آهي، ايتري قدر جو گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان ان وقت هڪ افسوسناڪ واقعو سامهون آيو جڏهن درياهه جي پاڻي مان پيءُ پٽ پنهنجو چوپايو مال پڪي طرف ڪڍي رهيا هئا ته پاڻي هنن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي لوڙهي ڇڏيو، ٻيو افسوسناڪ واقعو خيرپور جي پيرجوڳوٺ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻا ڳوٺ مور جهٻر شيخ مان ٻيڙي ذريعي پڪي طرف منتقل ٿي رهيا هئا ته ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 25 ماڻهو حادثي جو شڪار ٿيا، انهن مان 23 ڄڻن کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو پر ٻه معصوم نياڻيون 14 ورهين جي ليلان ۽ 12 ورهين جي نياڻي سنڌو شيخ سنڌوءَ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون، جن جا لاش ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻوڏ جي پاڻي مان ڪڍيا، چوندا آهن ته ”جاءِ اُها جلي جتي باهه ٻري“. اهڙي واقعي کانپوءِ انهن متاثرن مٿان ڇا گذري هوندي. اسين پاڻ سڀ ته انهي ڏکائتي گهڙي ۾ انهن ديس ڌڻين ۽ دردن وندن سان برابر جا شريڪ آهيون پر افسوس ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته ايڏو وڏو واقعو ۽ مسلسل خطري جون گهنٽيون به وڄنديون هجن پر پوءِ انهن مسڪين ڳوٺاڻن، ٻوڏ متاثرن جي ٻي ته واهر ڪانه ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ لڏپلاڻ ڪرائڻ ۾ انتظاميا توڙي حڪومت جو ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي، ان ڏس ۾ به ان جي ڪارڪردگي زيرو آهي. آئون جيڪڏهن ڪشمور ۽ گڊو جي ڪچي واري علائقي جو ذڪر ڪريان ته يقينن اُتي جي به صورتحال ساڳي آهي، جتي جا ماڻهو به پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري پڪي طرف اچي ويٺا آهن ۽ اُتي سندن ڪو سارسنڀال لهڻ وارو به نه آهي.

اڄ سڄي سنڌ جنهن ۾ ڪچي جا علائقا هجن يا وري لاڙ ۽ ٿر جا علائقا هجن، جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دورا ڪري رهيو آهي، جنهن دورن تي ضرور سرڪار جو لکين رپيا خرچ به ٿيندو هوندو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان سميت ٿر ۽ لاڙ جي مڙني علائقن مان برساتي پاڻي، سم نالن، واهن ۽ شاخن کي لڳل گهارن جو پاڻي جنهن اڻ ڳڻيا ڳوٺ ۽ علائقا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، جن بابت انهن شهرن مان مسلسل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون خبرون شايع ٿيون آهن ۽ انهي پاڻي ۾ ڪيترن ئي معصومن جي لڙهي وڃڻ جا واقعا سامهون آيا آهن، علائقي واسين جو مسلسل احتجاج به جاري آهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ مسلسل پاڻي جو بيهڻ علائقن کي بدبوءِ ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ انهن علائقن ۾ بيٺل گندو پاڻي جيڪو فصلن ۾ به ڪاهي پيو آهي، جنهن ڪري انهن مسڪينن جو لکين رپين جو فصل به تباهه ٿي چڪو آهي، گڏوگڏ احتجاجين جو اِهو چوڻ آهي ته برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ کانپوءِ سندن علائقن ۾ مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين سبب هنن جا اهنج ۽ سور گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن پر مقامي انتظاميا طرفان اهڙي صورتحال کانپوءِ به ڪنهن به قسم جا جوڳا اپاءُ نه پيا ورتا وڃن، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون خبرون مسلسل اچڻ کانپوءِ به اڄ سوڌو مقامي انتظاميه طرفان ڪا خاطر خواهه پيش رفت نظر نٿي اچي ۽ وري انهن علائقن جي مسڪين هارين جن جو گذرسفر سالياني فصل تي ٿئي ٿو، انهن هارين جي مدد لاءِ حڪومت طرفان ڪنهن پئڪيج يا امداد جو اعلان به نه ڪيو ويو آهي رڳو حڪومتي نمائندن توڙي مخالف ڌر طرفان وڏين وڏين گاڏين جي قافلن جي صورت ۾ دورا ڪيا پيا وڃن، باقي ٻوڏ متاثر توڙي جو ٿيندڙ تباهي طرف ڪنهن جي به اک ڪونه ٿي پٽجي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته برساتن کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کي ته حڪومت طرفان هڪ اتفاق قرار ڏنو پيو وڃي پر ساڳي وقت جيڪي سنڌ جا ماڻهو درياهه ۾ پاڻي اچڻ کانپوءِ اڄ پوري سنڌ جي بندن تي بي يارو مددگار ٿي لاوارثي واري زندگي گذاري رهيا آهن، گڊو کان ويندي دادو مورو پل ۽ اتان کان ڪوٽڙي بئراج ۽ ان کان هيٺ ٽنڊي محمد خان ۽ ان کان به اڳتي سنڌو درياهه جي بچاءُ بندن جي حالت به خراب آهي، جنهن ڪري ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي، ٻوڏ متاثر جيڪي هن نٽهڻ اُس ۾ کلئي آسمان هيٺ ويٺل آهن، خبر ناهي ته کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ به حڪومت انهن جي مدد ڪندي يا رڳو ٺلها اعلان ڪيا ويندا. ان سڄي صورتحال کانپوءِ حڪومت توڙي لاڳاپيل کاتي مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اُهي هن ڏکي گهڙي ۾ انهن لاچار ۽ بيوس ڪچي واسي ڳوٺاڻن جي سار لهن ته جيئن هو هن ڏکين گهڙين کي منهن ڏئي سگهن. ساڳئي وقت مون مٿي سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري ٿيندڙ نقصانن جو جيڪو ڪارڻ پيش ڪيو، ان کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي آئنده حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن ٻوڏ سبب تباهين کان بچي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.