جنسي زيادتي لاءِ سازگار ماحول!

وسعت الله خان

هلو  ڀلا، سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي اها ڳالهه مڃي ٿا وٺون ته اربع جي ڏينهن صبح سوير لاهور، سيالڪوٽ ايم اليون موٽر وي تي جنهن عورت جو ان جي ٻن ٻارن جي آڏو هٿياربندن ريپ ڪيو، تشدد ڪيو، سامان لٽيو ۽ فرار ٿي ويا ته ان ۾ بنيادي غلطي عورت جي آهي. ان عورت کي ٻن ننڍڙن سان گڏ اڌ رات جو ويران موٽروي تي سفر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اسان جون مائرون ڀينرون ڪڏهن ائين اڪيليون رات جو نڪرنديون ناهن. گھٽ ۾ گھٽ ان کي گهران نڪرڻ کان اڳ چيڪ ڪرڻ کپندو هو ته گاڏي ته ٺيڪ آهي. پيٽرول ته پورو آهي. وغيره وغيره.

پر ڇا آئون هٿ ٻڌي رياست ۽ حڪومت کان پڇي سگھان ٿو ته ڇهه مهينا اڳ ان نوي ڪلوميٽر ڊگھي موٽروي جي افتتاح کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ ڇو کوليو ويو جنهن کي اڄ تائين موٽروي پوليس جي تحويل ۾ ناهي ڏنو ويو. جنهن تي اڄ تائين ڪا سروس ايريا ۽ ڪو پيٽرول پمپ ناهي کلي سگھيو. ڇا ان بنيادي سهولتن کان سواءِ ڪو موٽروي عام ٽريفڪ لاءِ کولي سگھجي ٿو؟

ڇا لاڳاپيل ادارن ان موٽروي جي افتتاح باوجود اڪثر عوام  کي خبردار يا آگاهه ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان هن ويران بنا سهولت واري موٽروي تي ڏينهن يا رات جي ڪنهن به پهر ۾ سفر ڪرڻ چاهيو ته پنهنجي ذميواري تي ڪريو. جيڪڏهن ڪو حادثو يا واردات ٿي وئي ته انتظاميا ذميوار نه هوندي. ته ڇو نه ڪا عدالت پوءِ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ته ڪنهن ان موٽروي کي بنيادي سهولتن کان سواءِ کولڻ جي اجازت ڏني ۽ ڦيٿو ڪاٽيو؟.

ان بنيادي غفلت تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيڏو سولائي سان متاثر شخ کي ئي ڏوهاري قرار ڏئي پنهنجي سنگين غفلتن تي پردو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

منهنجو ذاتي خيال آهي ته جڏهن ڪو مرد، عورت، ٻار يا ٽرانس جينڊر، جسماني ۽ ذهني معذور روڊ تي نڪرندو آهي ته اهو صرف شهري هوندو آهي.  جنهن جا حق ۽ فرض نه ڪنهن کان گھٽ آهن نه وڌيڪ.

جڏهن توهان ريپ جهڙي ڀوائتي ڏوهه جو شڪار ٿيل کي ڏوهاري قرار ڏيندا آهيو ته توهان اصل ۾ بطور سرڪار اهو چئي رهيا هوندا آهيو ته اسان جي ڀروسي تي نه رهجو. پنهنجي حفاظت پاڻ ڪجو، يعني توهان اسان کان اسان جي حفاظت جي واعدي تي جيڪو ٽيڪس وٺي رهيا آهيو اهو اصل ۾ غنڊا ٽيڪس آهي. ان جو مطلب آهي ته آئين شهرين کي بنيادي حق ۽ فرضن جي باري ۾ ڀلي ڪجھه به چوندو رهي، آئين جي صفحن ۾ هر شهري قانون جي نگاهه ۾ جنس، نسل، رنگ، عقيدي، علائقي واري فرق جي ڀلي برابر هجي پر عملي طور حڪومتن جي نظر ۾ ڪجھه اوّل درجي جا ۽ ڪجھه ٻئي درجي جا شهري آهن ۽ رهندا.

ان جو مطلب آهي ته اسان پنهنجِي نئين پيڙهيءَ کي اهو پڙهائي ۽ ٻڌائي رهيا آهيون ته عورت ۾ ئي ڪجھه اهڙي خرابي هوندي آهي جو مرد ويچارو پاڻ تي ڪنٽرول نٿو رکي سگھي. ان جو مطلب اهو آهي ته عورتن جو لباس ۽ چال چلت مرد جي مرضي واري هجڻ گھرجي.

عورت ڀلي اڻپڙهيل هجي يا تعليم يافته، هڪ ڀيرو ان کي مرد جيڪو چئي ڇڏيو سو چئي ڇڏيو. ان کي شام ٿيڻ کان پهرين گھر هجڻ گھرجي. ان کي صرف اهڙي نوڪري ڪرڻ گھرجي جيڪا مرد محفوظ سمجھي، نه ته ڪجھه ٿي ويو ته ذميوار به عورت هوندي. اها سوچ ڪو روڊ جو رولاڪ نه پر مون سميت اڪثر ليکاري، اعليٰ عهديدار، دانشور، قانوندان ۽ اڳواڻ ائين سوچيندا آهن.

آئون سئو سيڪڙو مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته عورت پنهنجي چال چلت ۽ آڙي ٽيڙي ڏيک ڏيکاءُ جي ڪري ريپ جو شڪار ٿيندي آهي، بس ڪو اهو سمجھائي ڇڏي ته دهليءَ ۾ گذريل هفتي ڇهاسي سالن جي ڏاڏي امان جي چال آخر ڪيتري مستاني هئي جو هڪ ٽيهن سال جو ريپسٽ پاڻ تي ڪنٽرول نه رکي سگھيو؟

ڪراچي ۾ ئي گذريل هفتي هڪ پنجن ورهين جي ٻارڙيءَ کي ريپ کان پوءِ ڇو ماريو ويو؟ ان معصوم کي ڪهڙو اهڙو لباس پاتل هو جنهن کي ڏسي ريپسٽ پگھرجي پيو! قصور ۾ زينب نالي جي جنهن ٻارڙيءَ جو ريپ ۽ قتل ٿيو اها ڀلا ڪهڙي ويران روڊ تي سفر ڪري رهي هئي.

ٻه هزار ٻارنهن ۾ دهلي جي هلندڙ بس ۾ جنهن ڇوڪريءَ جو ريپ ٿيو، ان کي ڪهڙي رنگ جو هاف بلائوز پاتل هو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ نواب پور ۾ هڪ ئي خاندان جي ڇهن عورتن کي ڀريل بازار ۾ بنا ڪپڙن جي گھمايو ويو. ڇا اهي عورتون ڪنهن فيشن پريڊ جون شو اسٽاپر هيون؟. يا پرويز مشرف ڪهڙي سروي جي بنياد تي چيو هو ته گھڻيون عورتون اولهه جي ملڪن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ به ريپ ڪرائينديون آهن.

۽ هي جيڪي به حڪمران، وزير، مشير، پوليس آفيسر يا اڳواڻ وات چِٻو ڪري چئي ڇڏيندا آهن ته ڀائو اهڙن ڪيسن ۾ اڪثر قصور وار ته عورت ئي نڪرندي آهي. ڇا اهي تڏهن به چوندا جيڪڏهن انهن جي گھر جي ڪا عورت، ٻارڙي يا ٻارڙو ڪنهن ريپسٽ جي وَر چڙهي وڃي. جيڪڏهن رياست يا لاڳاپيل سرڪاري کاتا کليل گھمندڙ خونخوار وحشين کان “جديد رياستِ مدينه” جي اڌ آبادي کي محفوظ نٿا رکي سگھن ته گھٽ ۾ گھٽ اهڙي هر واردات کانپوءِ پنهنجو وات ته بند رکي ئي سگھن ٿا. ڀلي ٿوري دير لائي ئي سهي. جڏهن به ڪنهن اهڙي واردات کانپوءِ عام راءِ جو دٻاءُ پوندو آهي ته ان دٻاءُ کي دٻائڻ لاءِ هميشه جيان هر ڀيري اهي ئي پراڻا چمتڪار ڏيکاريا ويندا آهن. يا ته ڪيترائي هفتا ايف آءِ آر ناهي ڪٽجندي ۽ دٻاءُ پئجي وڃي ته 24 ڪلاڪن ۾ ٻه ٻه ايف آءِ آرون ڪٽجي وينديون آهن. ٽي ٽي جاچ ڪميٽيون جوڙيون وينديون آهن، هر آفيسر ۽ عملدار پنهنجي ماتحت کان لاڳيتو رپورٽ طلب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. پر ان ڊرامي بازي جو نتيجو عام طور ڪهڙو نڪرندو آهي؟

جنهن ملڪ ۾ ريپ خلاف ظاهري طور سخت قانون هوندا آهن ريپ جي سو وارداتن مان صرف چئن جي ذميوارن کي عدالت مان سزا ملڻ جي شرح هجي ۽ جتي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ٺاهه جي ڊرامي کي رياست بند اکين سان تسليم ڪري مظلوم سان بيهڻ کان انڪار ڪري ڇڏي، اتي ريپسٽ اڃا به گھٽ آهن. ان فضا ۾ ته انهن کي سئو ڀيرا وڌيڪ پکڙجڻ گھرجي.

جڏهن اسان ڪنهن ظلم تي خاموش رهندا آهيون ۽ جڏهن اسان هڪ واردات تي پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڦيري وٺندا آهيون ته اصل ۾ اسان ڏهن ورداتن لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ اسان جو اهو لاڳيتو واريءَ ۾ منهن لڪائڻ وارو عمل اغوا، جبري گمشدگين، ريپ ۽ غيرت جي نالي تي قتل کي هڪ نارمل عمل بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ اسان سمجھوتو ڪري وٺندا آهيون ته ان ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي. سماج ۾ ائين ته ٿيندو ئي آهي.

۽ پوءِ اسان صرف ان وقت رڙيون ڪندا آهيون جڏهن ڪو خوني يا حوس وارو هٿ اسان جي گھر ڏانهن وڌندو آهي. تيستائين باقي ماڻهو به اهو ئي سوچڻ جا عادي ٿي چڪا هوندا آهن ته شڪر آهي اهو فلاڻي سان ٿيو آهي. اسان اڃا تائين محفوظ آهيون ۽ اسان سڀ ڄاڻندي به ڪيڏو سولائيءَ سان وساري ڇڏيندا آهيون ته “چراغ سب ڪَي بُجھين گَي هوا ڪِسِي ڪِي نهين”.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.