ڇا پرڏيهـ ۾ رهڻ وارا وفادار ۽ ملڪ ۾ رهندڙ غدار آهن؟

سدا حيات جلباڻي

وزير اعظم عمران خان چيو آهي تـ جيترا وفادار ملڪ کان ٻاهر ويٺا آهن، اوترا شايد ملڪ ۾ ناهن. ڪنهن کي اها ڄاڻ نـ آهي تـ پرڏيهي ملڪ جي شهريت وٺڻ وقت هر شخص کي ان ملڪ سان وفاداري جو قسم کڻڻو پوندو آهي؟. پرڏيهي ملڪ سان وفاداري جو قسم کڻڻ سان انهن جي وفاداري ورهايل رهي ٿي. وزير اعظم صاحب جي بيان جو صاف صاف نموني مطلب اهو بيهندو تـ سمنڊ پار رهندڙ ماڻهن جي ٻاهرين ملڪ سان وفاداري جو قسم کڻڻ سبب سندن وفاداري تـ ورهايل آهي ئي، ملڪ ۾ موجود ماڻهو بـ پوري طرح وفادار نـ آهن. وزير اعظم صاحب اوهان کي اندازو آهي تـ اوهين اهو بيان ڏيئي ڇا چئي ويا آهيو؟ ان منطق سان تـ ڪو بـ شخص ملڪ جو وفادار نـ ٿيو. نـ ٻٽي شهريت وٺي ٻاهر ويٺل ماڻهو ۽ نـ ئي ملڪ جي اندر ويٺل شهري.

نـ نـ، هتي ڪو بـ ماڻهو سمنڊ پار پاڪستانين کي شڪ جي نگاهـ نـ ٿو ڏسي. غور ڪري ڏسبو تـ سمنڊ پار رهڻ وارن پاران پرڏيهي ملڪ سان وفاداري جو قسم کڻڻ جو عمل ئي شڪ شبها پيدا ڪري ٿو. هن ڳالهـ کان انڪار نـ ٿو ڪري سگھجي تـ ٻٽي وفاداري ناممڪن آهي.

وزير اعظم جو اهو چوڻ صحيح نـ آهي تـ هر ٻئين ڏينهن ماڻهو ٻٽي شهريت جي خلاف عدالت هليا ويندا آهن. در اصل ماڻهو ٻٽي شهريت وارن کي وڏا وڏا سڻڀا سرڪاري عهدا ڏيڻ خلاف عدالت هليا ويندا آهن.

وزير اعظم اهو چوڻ بـ حقيقت تي ٻڌل نـ آهي تـ مراعتون ڏيڻ جي ڪري ايڪسپورٽ وڌڻ شروع ٿي آهي. سچ اهو آهي تـ ايڪسپورٽ ناهي وڌي. انگ اکر ظاهر ڪن ٿا تـ هن سڄي ڪيلينڊر سال ۾ صرف جولاءِ مهيني ۾ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي هئي. انگن اکرن مان وڌيڪ اهو پڌرو ٿئي ٿو تـ پرڏيهي روانگي واپار ۾ گذريل سال ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ جون ويهـ سو ويهـ ۾ پوري ٿيندڙ ٽماهي ۾ گھٽتائي ٿي آهي. اپريل ويهـ سو ويهـ ۾ پروڪي سال انهيءَ مهيني جي ايڪسپورٽ جي مقابلي ۾ چوونجاهـ سيڪڙو لاٿ آيل آهي. هلندڙ مالي سال جي رڳو پهرين مهيني (جولاءِ ويهـ سو ويهـ) ۾ پنج ڏهائي اٺ جي برابر واڌ ٿي آهي. واپار بابت وزير اعظم جي صلاحڪار عبدلرزاق دائود پاڻ مڃيو آهي تـ هيلوڪي آگسٽ ۾ گذريل سال آگسٽ جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۾ ساڍا اڻويهـ سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي. ان جو مطلب ٿيو ويهـ سو ويهـ جي ڪيلينڊر سال ۾ صرف جولاءِ ۾ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي هئي. وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ!

وزيراعظم اها ڳالهـ صحيح ڪئي آهي تـ ٻٽي شهريت وارا ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. اهي ٻاهرين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ جي واڌاري لاءِ ٿيندڙ سرگرمين ۾ ڪارائتا ٿي سگھن ٿا. اُتي ملڪي اسمن جون نمائشون لڳائي سگھن ٿا. هتان جو مال قانوني طرح امپورٽ ڪري سگھن ٿا. ٻٽي شهريت رکڻ جي ڪري هتي اچي سگھن ٿا. پنهنجي لاءِ فيڪٽرين ۾ تيار ٿيندڙ مال جي چڪاس ڪري سگھن ٿا ۽ پنهنجي نظرداري ۾ مال ڍوئيندڙ جهاز ۾ چاڙهائي سگھن ٿا. ٻاهرين ملڪ ۾ مال ڪليئر ڪرائڻ لاءِ هِتان جا جنرلائيزڊ سسٽم آف پريفرنسز (جي ايس پي) سرٽيفڪيٽ سميت ٻيا گھربل ڪاغذ پٽ ٺهرائي سگھن ٿا. (جي ايس پي سرٽيفڪيٽ هجڻ ڪري سامان تي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪسٽم ڊيوٽي گھٽ لڳندي آهي.) ائين اسان جي ملڪ جون شيون اتان جي هول سيلر، ريٽيلر ۽ واهپيدارن کي سستيون پونديون آهن. انهن جو وڪرو گھڻو ٿيندو آهي. اهڙي ريت نوان آرڊر ملڻ لڳندا آهن. اهڙن دهرائجندڙ (رپيٽ) آردرڊس جي ڪري پرڏيهي مارڪيٽ سولائي سان قابو ۾ اچي ويندي آهي. ٻٽي شهريت وارن کي ملڪ ۾ گھرائي وڏا وڏا سڻڀا سرڪاري عهدا ڏيڻ بدران ملڪي مال لاءِ پرڏيهي مارڪيٽ هٿ ڪرڻ جي سرگرمين ۾ سندن تعاون حاصل ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.