شڪارپور ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب نينگر فوت، احتجاج

شڪارپور  ( ڊ ر ) شڪارپور جي نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت ڊاڪٽرن خلاف احتجاج  خبر موجب  شڪارپور شھر جي   ڊاڪٽر سردار هڪڙو جي اسپتال ۾ خانپور شھر جو رهواسي هڪ سال جو نينگر  وسيم ولد شبير احمد سومرو تڙپي تڙپي فوت  ٿي ويو. اسپتال جي ڊاڪٽر معصوم ٻارڙي وسيم سومرو جو علاج نه ڪيو جنهن سبب هو اسپتال ۾ فوت  ٿي ويو وارثن پاران ڊاڪٽر  سردار هڪڙو تي غفلت جو الزام هڻندي چيو  ته نينگر کي بخار هيو شڪارپور جي پرائيويٽ ڪلينڪ سردار هڪڙو جي ڪلينڪ ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو جتي اسپتال جي بي رحم عملي پاران مسلسل ڪوتاهي ڪندا رهيا مريض جو علاج ڪرڻ مريض جي وارثن کي ڪوڙا دلاسا ڏيندا رهيا.  ڊاڪٽر نه اچڻ معصوم نينگر وسيم سومرو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو معصوم نينگر جي لاءِ اسپتال ۾ پٽي به موجود نه هئي. وارثن مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن پرائيويٽ اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.