ڪي اين شاهه ۾ عوامي تحريڪ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سراپا احتجاج

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: سيد اطهر بخاري)خيرپورناٿن شاهه عوامي تحريڪ  طرفان شهر ۾ وڌندڙ بدامني، تعلقي اسپتال ۾ شعباءَ حادثات ۾ سھولتن جي کوٽ سميت دوائن جي اڻ هوند، هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽  شهر جي صفائي نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ تعلقي صدر ڪامريڊ حيدر ملاح، ضلعي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، ايس ايس ٽي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عاطف ملاح، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو،ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، هادي ڏنو کونهارو، ڪاشف ملال، دلبر ملاح،عبدالڪريم آزاد، جمن کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪي اين شاهه شهر جي صفائي جو انتظام ناڪارا بڻيل آهي، پوليس شهر ۾ امن قائم ڪرڻ بجاءِ چورن ۽ ڌاڙيلن جو ساٿ  ڏئي رهي آهي. تعلقي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ تمام وڏو مسئلو بڻيل آهي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪا به سهولت ميسر ناهي عوامي تحريڪ مطالبو تي ڪري ته فورن تعلقا اسپتال ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ شهر م امن امان قائم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.