موٽروي سانحي خلاف حيدرآباد ۽ سکر ۾ احتجاج

حيدرآباد/سکر(رپورٽر) حيدرآباد جي مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته لاهور واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سي سي پي او لاهور کي گرفتار ڪري متاثر عورت ۽ ان جي خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. سماجي تنظيم سنڌ ڊيوليمينٽ سوسائٽي، اي بي سي ڊي، ناري آرگنائيزيشن ۽ ماروي آرگنائيزيشن پاران لاهور واقعي خلاف  حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي، اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل، پارس غفار ملڪ، زيب النساءِ ملاح، صنم چانڊيو،  فردوس سولنگي ۽ رابعا سمون ڪري رهيون هيون. ان موقعي تي عورت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۾  جنسي زيادتين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته پنجاب پوليس جو سي سي پي او جوبدارن خلاف ڪارروائي بدران ظلم جو شڪار عورت کي قصور وار قرار ڏي ٿو جنهن مان پنجاب حڪومت توڙي موٽر وي ۽ پنجاب پوليس جي نااهلي ظاهر ٿئي ٿي.  هوڏانهن سماجي تنظيم وائيس آف سکر پاران موٽروي سانحي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پنجاب پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي فرهاد سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي موٽروي تي وحشي جوابدارن پاران عورت کي گاڏي مان لاهي زبردستي ٻارڙن جي آڏو زنا ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هوڏانهن هيومن رائيٽس پروٽيڪشن ۽ سول سوسائٽي سکر پاران موٽروي سانحي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ عبدالخالق گھمرو، عزرا جمال، مرتضيٰ گھانگھرو، الاهي بخش ميتلو ۽ ٻين چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگھي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.