ناليوارو ذاڪر علامه ضمير اختر نقوي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( رپورٽر) ناليوارو ذاڪر علامه ضمير اختر نقوي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ويجهن عزيزن جو چوڻ آهي ته علامه ضمير اختر نقوي کي رات دير سان نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ضمير اختر نقوي جي ميت انچولي امام بارگاهه منتقل ڪئي وئي،  علامه ضمير اختر نقوي ڀارتي شهر لکنو ۾ پيدا ٿيو، هو هڪ خطيب هجڻ سان گڏوگڏ شاعر به هو، ضمير اختر نقوي شاعري، مرثيه نگاري سوڌو ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. هن جي جنازي نماز انچولي سوسائٽي جي امام بارگاهه شهدا ڪربلا۾ ادا ڪرڻ بعد مڙهه وادي حسين قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.  علامه، ضمير اختر نقوي جي وفات تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ، وڏي وزير مراد علي شاهه ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.