بهارو جي ڪچي ۾ هزارين ماڻهو ڦاٿل، سامان کٽي ويو

بهارو (رپورٽ: جاويد پنهور)  بهارو جو ڪچو مڪمل پاڻي هيٺ، هزارين ماڻهو ڦاٿل، کاڌ خوارڪ جو سامان کٽي ويو، انتظاميا چپ جو روزو رکي ڇڏيو عوام بي يارو مددگار بندن ۽ رستن تي ويٺل ، روڊ، پلون ٽٽي وڃڻ ۽ ٻيڙين جي سهولت نه هجڻ ڪري ماڻهو گھرن تائين محدود، پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا، متاثر بدحالي ۽ بيمارين سبب سخت پريشان ھزارين ايڪڙن بيٺل فصل پاڻي هيٺ، واهر جي اپيل رپورٽ موجب:  سنڌو درياھ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج تي مسلسل لاٿ باوجود پاڻيءَ جي تيزيءَ سان واڌ سبب تعلقي گمبٽ جو ڪچو مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو جنهن ۾ رپڙي ۽ بهاري جا ڳوٺ گلوسيال ، کرل آباب، ڳوٺ ڪڙيا، جلال مڱڻيجو، خاندو ناريجو، محمد حسن خواجا، صادق ڪلهوڙوسميت سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ اچي ويا آهن، روڊ ۽ پلون ٽٽي وڃڻ سبب  زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جڏهن ته حڪومت پاران ٻوڏ جو خطرو نه ٻڌائڻ ۽ سهائتا نه ٿيڻ ڪري ٻوڏ ۾هزارين ڦاٿل ماڻهن وٽ کاڌ خوارڪ جو سامان پڻ کٽي ويو آهي پر ان باوجود به انتظاميا ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا آهن ۽ ٻيڙين جو بندو بست نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب بک بدحالي ۽ بيمارين سبب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهياآهن جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڪمند، جوئر، تر، وونئڻن جا فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن سان آبادگارن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ ٻوڏ متاثرعلائقي واسين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ کاڌ خوارڪ جو سامان کٽي ويو آهي ۽ ٻيڙيون جي سهولت نه هجڻ ڪري گھرن تائين محدود ٿي ويا آهيون جنهن ڪري جاني مالي نقصان جو خدشو وڌي ويو آهي هنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.