ڊائو ميڊيڪل جي شاگردن جو هاسٽل جي سهولت لاءِ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران هاسٽل جي سهولتن جي اڻهوند خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻ عبدالڪريم، شبير احمد، شهزاد علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مختلف علائقن مان ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن کي رهائش سميت ڪا به سهولت ميسر نه هجڻ کي پريشاني جو شڪار آهن. هنن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ادارو قائم ڪرڻ لاءِ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا هاسٽل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جيڪو نه رڳو شاگردن سان ناانصافي آهي پر پٺتي پيل علائقن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهڻ برابر آهي. شاگردن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ باوجود ڪاليج انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار جي لاڳاپيل اختيارين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. هنن مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽلن تي ٿيل قبضن کي ختم ڪرائي انهن عمارتن ۾ سهولتون فراهم نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.