قاضي احمد ڀرسان درياهه ۾ چاڙهه، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

قاضي احمد (ن ع آ) قاضي احمد ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد پاڻي زمينداري بند ٽوڙي وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، ڪچي ۾ ڪيترائي ڳوٺ درياهي پاڻي هيٺ اچڻ بعد سوين خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، درياهي پاڻي جي گهيري هيٺ آيل ڪيترن ئي گهرن ۾ خاندان ڦاٿل آهن سنڌو جا تيز وهڪرا آمر پُل سان ٽڪرائجڻ بعد واپس مٿانهن وارن علائقن ۾ ڪاهي پيا، انتظاميا ڪچي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي پڪي تي منتقل ڪرڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا.

چين ۽ ڀارت جي فوج لداخ ۾ هڪ ٻئي جي فائرنگ رينج ۾ آمهون سامهون

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن ٻڌايو ته چين اوڀر لداخ ۾ پين گونگ سو جي ڏاکڻي حصي ۾ اسپينگور گيپ تي ڀارتي فوج کان صرف رائفل فائرنگ جي رينج تي هزارين فوجين، ٽينڪن ۽ توپ خانن کي متحرڪ ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق چين جي پيپلز لبريشن آرمي 30 آگسٽ کان گورنگ جبل ۽ مگر جبل وچ ۾ اسپينگور گيپ ۾ پنهنجا فوجي مقرر ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ڀارتي فوج لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول تي چوشل ويجهو پينگونگ سو جي ڏاکڻي ڪناري جي رج لائين تي اهم بلندين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.