نئون ڪوٽ ويجهو سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، تباهي وڌي وئي

نئون ڪوٽ(ن ع آ) نئون ڪوٽ روينيو ۽ ايريگيشن کاتن طرفان پوري تعلقي جھڏي جي 80 سيڪڙو زرعي معيشيت تباهه ٿيڻ  جا انگ اکر گڏ ڪري ورتا ان سلسلي ۾ روينيون کاتي جي ذميوار ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب  تعلقي جھڏي ۾ خريف  ۾ 35000 ايڪڙن تي پوکيل آبادي مڪمل تباه ٿي وئي آھي تعلقي جھڏي ۾ هڪ لک 74 هزار ماڻھو متاثر ٿيا آھن گھرن جي سروي ڪئي پئي وڃي هيڏي وڏي تباهي باوجود متاثر رليف کان محروم ۽ واجھائي رهيا آھن ڪيترن ئي علائقن ۾ 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيهي وڃڻ ۽ ڪٿان به  نيڪال نه  ٿيڻ سبب هتي چيٽ جي پوکائي به نه ٿي سگھندي اڳئين سال اناج جو وڏو بحران ٿيندو جڏهن ته هتي تعلقي جھڏي توڙي ٿرپارڪر جي بئراجي تعلقي ڪلوئي ۾ لائيو اسٽاڪ جو به وڏو نقصان ٿيو آھي ڀاڳين جو  وڏي تعداد ۾ مال مري چڪو آھي پر لائيو اسٽاڪ کاتي اڃان تائين سروي ب ن ڪئي آھي. هوڏانهن نئون ڪوٽ ايل بي او ڊي سم نالي کي 5ڏينهن اڳ لڳل آر ڊي 287 وٽان لڳل ٻيو گھارو بند نه ٿي سگھيو گذريل ڏينهن آيل برسات سبب گھاري ٻڌڻ وارو ڪم رڪجي ويو، گھاري جو پاڻي ڏينهون ڏينهن تباهڪاريون مچائڻ لڳو ،گھاري ٻڌڻ لاءِ آيل زمينداري ونگار به اهو چئي هلي وئي اسان جا فصل ۽ گھر ته ٻڏي ويا پويان ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھن جڏهن ته گھاري ٻڌڻ واري ڪم جي مانيٽرنگ ڪندڙ ايل بي او ڊي عملو وي آئي پي ٽينٽ لڳائي تاش راند کيڏڻ لڳو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.