ناصرحسين پاران علامه سيد ضمير اختر نقوي جي وفات تي تعزيت

ڪراچي(رپورٽر)اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير سيد ناصرحسين پاران علامه سيد ضمير اختر نقوي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جواظهار ڪندي چيو ته علامه سيد ضمير اختر نقوي دين جو عالم هو ۽ هن جي دين جي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.هن دعا ڪئي الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر و جميل عطا ڪري هوڏانهن صوبائي وزير شهلا رضا   علامه سيد ضمير اختر نقوي  جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جواظهار ڪندي چيو ته علامه سيد ضمير اختر نقوي جون دين جي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.