ڪراچي ۾ عمارتون ڪرڻ بند نه ٿيون، لياري ۾ عمارت ڊهڻ سبب 2 فوت، 10 زخمي

ڪراچي/لياري ( رپورٽ: وقار+ عبدالحفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي بعد هڪ وڌيڪ عمارت ڪري پئي جنهن سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن صبح جو لياري جي بهار  ڪالوني واري علائقي ۾ ڪوئلا گدام ويجهو ٻه ماڙ عمارت ڪري پئي.  اطلاع تي پوليس، رينجرز ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ زخمين ۽ فوت ٿيلن کي ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيا. سوڙهيون گهٽيون هجڻ ڪري ايمبولنس پهچڻ توڙي مشينري پهچائڻ سميت ريسڪيو ڪمن ۾ ڏکيائي پيش آئي، اسپتال انتظاميا موجب ٻه لاش اسپتال آندا ويا جن جي سڃاڻپ 30 ورهين جو جان محمد عمر سعيد ۽ 40 ورهين جو حيات پٽ زامي خان طور ٿي آهي. زخمين ۾ 30 ورهين جو عبدالرحمان پٽ عبدالرئوف، دادو پٽ سعيد، حبيب پٽ سرور، عرفان پٽ خان ولي، شيرخان پٽ شمشير، سميع الله پٽ سردار، رياض پٽ عمر سعيد، بلال پٽ حبيب ۽ عمر خان پٽ ولي خان شامل آهن، علائقي واسين موجب ڄاڻايل عمارت جي ڀر واري پلاٽ ۾ تعميراتي ڪم هلي رهيو ته ان دوران شاول عمارت مٿان ڪريو جنهن سبب عمارت ڌماڪي سان ڊهي پئي. ڪريل عمارت اڳ ئي ڪمزور هئي جنهن کي انتظاميا خالي ڪرڻ لاءِ مالڪ کي هدايت ڪئي هئي پر هن وري به مسواڙي ويهاري ڇڏيا. واقعي واري هنڌ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ، ڊي سي ڏکڻ ارشاد احمد سوڍر، اسسٽنٽ ڪمشنر لياري عبدالڪريم ميمڻ پهتا. ڊي سي جو چوڻ آهي ته 10 ڀيرا عمارت خالي ڪرائي، پوءِ به عمارت جي مالڪ ڪرائي تي ماڻهو ويهاريا، پٽ پئجي ويل عمارت جي مالڪ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. تازين برساتن بعد جيڪي عمارتون ڪمزور ٿيون آهن، انهن جي سروي ڪئي پئي وڃي.03

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي سواليه نشان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ عمارتون ڊهڻ جي واقعن ۾ تيزي باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي زبون حال عمارتون خالي ڪرائڻ ۾  ناڪام، اٿارٽي طرفان سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڪراچي اندر 240 عمارتن کي زبون حال قرار ڏيڻ جو انڪشاف ٿيوآهي، نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود عمارتون خالي ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اولڊ سٽي ۾ ڪيتريون عمارتون رهائش جي قابل نه آهن، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪياماڙي ۽ لياري ۾ به ڪيترين ئي عمارتن جي حالت خراب قرار ڏني وئي آهي.

وڏي وزير لياري ۾ عمارت ڪرڻ جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران ڪراچي جي علائقي لياريءَ ۾ عمارت ڪرڻ جو نوٽس وٺندي ڪمشنر ڪراچيءَ ھدايتون ڏنيون. وڏي وزير واقعي ۾ زخمي ماڻھن جي علاج جو فوري بندوبست ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير ھدايت ڪئي تھ ملبي کي ترت صاف ڪيو وڃي ۽ ملبي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي باحفاظت ڪڍيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جاني نقصان تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. 03

بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ بلڊر مافيا سان ٻٽ بڻيل آهي: حليم عادل

ڪراچي/ لياري: پي ٽي آءِ اڳواڻ  حليم عادل شيخ به ڪريل عمارت واري هنڌ پهتو. صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي پت وائکي ٿي وئي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا بلڊر مافيا کان ڀتا وصول ڪري اهڙيون عمارتون ٺاهڻ جي اجازت ڏين ٿا. اهڙين کوڙ سارين عمارتن جي لياري ٽائون ۾ تعمير جاري آهي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پوليس بلڊر مافيا سان ٻٽ آهي جنهن جي ڪري بلڊر مافيا 30 گز جي پلاٽن تي 7 منزل عمارت تعمير ڪري رھي آھي. لياري ۾ جيڪي عمارتون ختم ٿي چڪيون آهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اھي مسمار به نه ٿي ڪري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سرپرستي سنڌ حڪومت ڪري رھي آھي. گورنر عمران اسماعيل چيف سيڪريٽري کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نااهليءَ سبب ڪراچي جا شهري محفوظ نه رهيا آهن. 03

ڪورنگي ۾ به ٻه ڏينهن اڳ عمارت ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿيا، گورنر جو نوٽيس

ڪراچي:  گورنر عمران اسماعيل عمارت ڪرڻ بابت چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نااهليءَ سبب ڪراچي جا شهري محفوظ نه رهيا آهن، 2 ڏينهن اڳ ڪورنگي ۾ الله والا ٽائون ۾ 5 ماڙ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.