شاهد خاقان عباسي هلندڙ مهيني سنڌ جو دورو ڪندو

حيدرآباد (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ سياسي سرگرمين ۾ تيزي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي (ن) ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري احسن اقبال سميت سنڌ جو دورو ڪندو. مليل اطلاع موجب اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي (ن) ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري احسن اقبال سميت 24 سيپٽمبر 2020ع تي ٽنڊوآدم پهچندو، جتي هو (ن) ليگ ٽنڊوآدم جي صدر انور مري جي گهرواري جي وفات تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو، دوري دوران هو حيدرآباد،  نوابشاهه ۽ سنڌڙي جو به دورو ڪندو.

”پٽ نيڪ نمازي  آهي“ وقار جي امڙ سندس جان جي امان گهري ورتي

لاهور( م ڊ) لاهور، سيالڪوٽ موٽروي تي زيادتي واقعي ۾ ملوث ڄاڻائڻ بعد گرفتاري پيش ڪندڙ وقار جي ماءُ وڏي وزير ۽ ٻين کان پٽ جي جان جي امان گهري ورتي آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي وقار جي ماءُ چيو ته سندس هڪ پٽ بيمار آهي، ٻيو پٽ وقار خبر پوڻ تي پوليس وٽ پيش ٿيو. هن چيو ته وقار ڏوهي هجي ها ته پوليس وٽ پيش ئي نه ٿئي ها. وقار جي ماءُ چيو ته سندس پٽ وقار نيڪ نمازي آهي، هو موٽرسائيڪلن جو مستري آهي. هن چيو ته وقار جي 4 نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن، وڏو وزير ساڻس انصاف ڪري. 03

جهلم  ۾ ٻن ڀينرن سان زيادتي ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

جهلم (م ڊ) پنجاب جي ضلعي جهلم جي علائقي پنڊ داد خان ۾ ٻن ڀيڻن سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.جوابدارن ٿاڻي جلالپور جي علائقي پننوال ۾ رهندڙ ٻن ڀيڻن کي اغوا کانپوءِ زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ کين منڊي بهاوالدين روڊ تي ڇڏي ڏنو هو. پوليس اختيارين موجب ڇوڪرين جي حالت خراب ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس اتي پهچي متاثر ڇوڪرين کان شروعاتي بيان وٺي کين دارالامان پهچايو، جڏهن ته دارالامان انتظاميا وارثن جو پتو لڳائي نارين کي انهن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته متاثر نارين جي گهر ڀاتين جي فرياد تي ٿاڻي جلالپور شريف ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ جن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، انهن ۾ متاثر ڇوڪرين جو ماروٽ به شامل هو. 03

موٽروي تي ٻه مهينا اڳ پوليس مقرري لاءِ هدايت ملڻ جو انڪشاف

لاهور( م ڊ) لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي زيادتي واقعي کان ٻه مهينا اڳ پوليس مقرري لاءِ هدايت ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آءِ جي پنجاب اي آءِ جي پيٽرولنگ هاءِ وي کي خط لکي لاهور، سيالڪوٽ موٽروي تي پوليس مقرري جي هدايت ڪئي وئي هئي پر پوليس مقرري نه ٿي، جنهن تي هي واقعو پيش آيو. هن واقعي بعد ٻيهر آءِ جي آفيس مان خط لکيو ويو، جنهن  بعد پوليس مقرر ڪئي وئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.