لاهور زيادتي ڪيس ۾ مک جوابدار نه پڪڙيو، وقار پيش، ملوث هجڻ کان انڪار

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ مک جوابدار عابد پڪڙجي نه سگهيو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار وقار الحسن پاڻ پوليس وٽ پيش ٿيو آهي.  لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي گجرپورا ڀرسان عورت سان لڄالٽ جي ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون ۾ پيش ٿي پنهنجي گرفتاري ڇڏي ڏني. ذريعن موجب جوابدار مائٽن جي دٻاءَ سبب ماڊل ٽائون پوليس وٽ پيش ٿيو، هن پوليس کي ٻڌايو ته عابد سان ٻين ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار رهيو آهيان پر موٽر وي زيادتي ڪيس سان سندس ڪو واسطو ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وقار الحسن پوليس کي ٻڌايو ته سندس سالو عباس ان جي فون استعمال ڪندو هو، عباس جوابدار عابد سان رابطي ۾ هو، عباس مون سان گڏ پوليس سامهون پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو پر هو به جلد پنهنجي گرفتاري پيش ڪندو. وقار الحسن موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس سالو عباس مک جوابدار عابد سان گڏ وارداتون ڪندو هو ۽ هو عابد سان رابطي ۾ آهي. سي آءِ اي پوليس جوابدار وقار الحسن جي فوري طور ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پوليس جوابدار جا ڊي اين اي نمونا وٺڻ لاءِ پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي سان رابطو ڪيو آهي. جوابدار وقار کان مک جوابدار عابد جي ٿاڪن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.