مريم نواز نوازشريف کي ڏنل خوراڪ شڪي قرار ڏئي ڇڏي

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز جيل ۾ پنهنجي والد کي ڏنل خوراڪ تي شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ مريم نواز چيو ته اڃان ته اها به جاچ ٿيڻي آهي ته گهر جي ماني بند ڪري نوازشريف کي نيب ۾ ڪهڙي خوراڪ ڏني ويندي  هئي جنهن سبب سندس بيماري ۾ شدت اچي وئي آهي.سندس پليٽليٽس خطرناڪ حد تائين ڪري پيون آهن ۽ کيس دل جو دورو پيو. سوال ته اهو به آهي ته جيل اندر بند اڪيلو قيدي ڪورونا وائرس جو شڪار ڪيئن ٿي ويو.؟هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾  هن پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پنهنجي سئوٽ حمزه شهباز کي گرفتار ڪري رکڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي بدترين حڪومتي ڏاڍ قرار ڏنو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي باوجود حمزه شهباز کي علاج جون سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.