معلومات ليڪ ڪري زيادتي جوابدارن کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو ويو: احسن اقبال

لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته لاهور موٽر وي تي عورت سان زيادتي وارو واقعو مذمت جوڳو عمل آهي، حڪومت  جوابدارن بدران متاثر عورت تي آڱريون کنيون. معلومات ليڪ ڪري جوابدارن کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو. پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته نااهل حڪمران ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، عمران خان پنجاب ۾ عثمان بزدار جي حڪومت مڙهي، جن جوابدارن جي نشاندهي ٿي انهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ها، رازداري نه رکڻ سبب جوابدارن کي ڀڄڻ جو موقعو مليو، احسن اقبال جو چوڻ هو ته هي نااهل ۽ نالائق حڪومت آهي، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، وزيراعظم رڳو انتقام لاءِ گڏجاڻيون ڪري پيو. حمزه شهباز ٽن ڏينهن کان تيز بخار ۾ مبتلا آهي، حمزه شهباز کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. هن حڪومت جي شروعات انتقام ۽ پڄاڻي به انتقام آهي. 2سال اڳ پاڪستان ايشيا جي اڀرندڙ معيشت هئي، اڄ پاڪستان ايشيا جي ٻڏندڙ معيشت آهي، متاثر عورت جي تذليل ڪندڙ سي سي پي او کي هٽايو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.