پاڪستان کي جنسي تعليم جي ضرورت آهي: بختاور

اسلام آباد ( م ڊ )شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو ملڪ ۾ جنسي ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جنسي تعليم جي ضرورت آهي، هن هڪ عورت حيا بخاري طرفان ڪيل ٽوئٽ شيئر ڪندي جنسي زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بختاور طرفان شيئر ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو هو ته آفريقي ملڪ ڪينيا ۾ گڏيل جنسي تعليم جي ڪلاسن سان اتي 51 سيڪڙو ڏاڍائي جا واقعا گهٽجي ويا آهن، جڏهن ته 73 سيڪڙو ڇوڪرن به پنهنجي جنسي استحصال خلاف مزاحمت ڪئي. بختاور ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ مدرسن کان ويندي پارڪنگ جي جاين تي ريپ جا واقعا وڌي ويا آهن ۽ عورتون ۽ جانور گهرن ۾ به محفوظ نه آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ جنسي تعليم جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو هي اهو ڏوهه آهي جنهن کي رپورٽ ئي نٿو ڪيو وڃي. ڪيترن ماڻهن بختاور کي ان ڳالهه تي تنقيد جو نشانو بڻايو،انهن ۾ اداڪار فيروز خان به شامل هو، جنهن هن جي ٽوئيٽ شيئر ڪندي هن جي سامهون ڪجهه سوال به رکيا، هن پڇيو ته جڏهن اوهان جي پارٽي حڪومت ۾ هئي تڏهن ان ڪهڙو ڪم ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته ڇا واقعي اوهان جاڳي چڪا آهيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.