سنڌو جي وهڪرن ۾لاٿ کانپوءِ سکر وٽ وچولي ٻوڏ

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾تيزي سان لاٿ جو سلسلو جاري آهي،  گڊو ۽ ڪوٽڙي وٽ هيٺاهين درجي ۽  سکر وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر وٽ 81 هزار 940 ڪيوسڪ ۽ گڊو وٽ 63 هزار 218 ڪيوسڪ لاٿ اچي وئي آهي. گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن وٽ ننڍي ۽ سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ آهي.ٻي طرف بئراجن تي پاڻي جي وهڪرن جي گھٽجڻ کانپوءِ ڪچي وارن علائقن ۾ پڻ پاڻي لهڻ شروع ٿي ويو آهي. سکر سان لڳندڙ الف ڪچي ۽ شاهه ٻيلي واري بيگاري بند تي  پاڻي 7 فوٽن مان گھٽجي 5 فوٽن ٿي ويو آهي. جڏهن ته 18 سيپٽمبر تائين پاڻي جا وڏا وهڪرا ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچڻ کانپوءِ وچولي ٻوڏ جا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن. هن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 267417 ۽ هيٺانهون وهڪرو 235467 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 390910 ۽  هيٺانهون وهڪرو 347380 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 254407 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 244447 ڪيوسڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.