خير محمد آريجا ويجهو زمينداري بند ٽٽي پيو، فصل پاڻي هيٺ

خير محمد آريجا (رپورٽ : عطا محمد شاھ ) سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب خير محمد آريجا لڳ  ڪچي ۾ زمينداري بند ٽٽڻ ڪري هزارين جريبن تي بيٺل فصل تر، پلي ووئنڻ ۽ ٻيا تيار ٿيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪي ٽي ٻگهيا،  ڪي ٽي بيهڻ ۽ حسن واهڻ جي زميندارن گڏجي فصل  بچائڻ لاءِ جهلي بند ڏياريو هو ،پاڻي جو  دٻا وڌڻ  جي ڪري بند ۾ گهارو پئجي ويو،  جنهن سبب جهلي بند ٽٽي پيو،  زميندار سرفراز خان ٻگهيو محمد صديق بهڻ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اوچتو بند ٽٽي پيو،  جنهن جي ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي تباھ ٿي وياآهن،هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ٻچڙن جو گذر سفر ان فصل تي هوندو آهي،  هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي معامري جو نوٽيس وٺي اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.