ڏهرڪي ۾ دوستي نه رکڻ تان  نينگر کي کنڀڻ جي ڪوشش

ڏهرڪي(رپورٽ: اسد لغاري ) ڏهرڪي ۾ دوستي نه رکڻ تان  نجي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ 14 سالن جي نينگر کي مبينا کنڀڻ جي  ڪوشش ،خبر موجب ڏهرڪي جي نجي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ 14 سالن جي نينگر وقار پٽ عبدالرشيد ڪوڀر کي دوستي نه رکڻ تان ٻن ڄڻن کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي نينگر چيو ته معشوق ۽ سانول ڪوڀر دوستي لاءِ تنگ ڪندا هئا، هنن اسپتال مان زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي شهرين بچائي ورتو، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل معشوق ڪوڀر ۽ سانول چيو ته اسان مٿان ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي پوليس نينگر جي رپورٽ درج ڪري ورتي آھي ،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.