ميرپورخاص ۾ برسات متاثرن جو امداد نه ملڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص(ڊ ر) ميرپورخاص جي مختلف علائقن ۾ ڪئمپن ۾ ويٺل برسات متاثرن پاران امداد سامان نه ملڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر هائوس  ميرپورخاص سامهون احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ضلع جي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ڊپٽي ڪمشنر هائوس اڳيان متاثرن جي ڌرڻي جي اطلاع تي پوليس اٽالن پهچي متاثرن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته متاثرن امدادي سامان ملڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏنو جنهن تي پوليس ڌرڻي ۾ ويٺل عورتن ۽ مردن تي لاٺي چارج ڪري ڏني پوليس جي لاٺي چارج سبب مظاهرو ڪندڙ مردن عورتن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي جنهن بعد روڊ کي ڪليئر ڪرايو ويو، پوليس پاران برسات متاثرن مرد عورتن تي لٺيون وسائڻ خلاف متاثرن پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري پوليس ۽ ضلع انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته برسات سبب اسان جي ڳوٺن ۽ گھرن ۾ پاڻي ڪاهڻ سبب اسين بي گھر ٿي روڊن جي ڪنارن تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون حڪومت پاران امداد موڪلڻ جي باوجود اسان متاثرن کي ٽينٽ، کادو، دوائون، مڇرن کان بچائڻ لاءِ مڇر دانيون ۽ ٻيو امدادي سامان فراهم نه ڪيو ويو آهي هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص جي متاثرن کي امدادي سامان نه ملڻ ۽ احتجاج ڪندڙ عورت مرد برسات متاثرن تي پوليس تشدد جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.