ڪنڊياري ۾ ضيا سهتو جي قتل خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) نوشهروفيروز ضلعي جي تعلقي ڪنڊيارو ۾ قتل ٿيل ضياءَ سهتو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ وزيراعلي هائوس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، احتجاج ۾ ڪراچي جي صحافين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين تعليم کاتي جي ملازم ۽ متحرڪ نوجوان ضياءِ سهتو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، شهيد ضياءَ سهتو جي ڀاءُ ظهور سهتو، ڀاڻج نوجوان صحافي ڪامران سهتو، طفيل سهتو ۽ ٻين چيو ته ڪنڊياري ۾ 12 ڏينهن اڳ ضياءَ سهتو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر ڪنڊيارو پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جوابدار عبدالرزاق، عبدالمجيد، اظهر ۽ جنسار سهتو سرعام گهمي رهيا آهن ۽ پوليس انهن جو تحفظ ڪري رهي آهي، ايس ايڇ او ڪنڊيارو رحم واسواڻو ۽ جاچ آفيسر نياز ٽانوري ڪيس کي خراب ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او ڪنڊيارو ۽ جاچ آفيسر کي هٽائي ضياءَ سهتو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ وزيراعلي هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.