بجلي گئس اگهه وڌائڻ ظلم هوندو: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ کي غريب ماڻهن  جي وات مان ماني ڳڀو ڦرڻ برابر قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته حڪومت وياجي نظام سميت آءِ ايم ايف کان چوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ کڻي ملڪ کي مستحڪم ۽ عوام کي روزگار مهانگائي توڙي ڌارين جي غلاميءَ مان نجات ڏياري. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ هڪ بيان ۾ گيس بجلي اگهن ۾ واڌ واري آءِ ايم ايف جي مطالبي کي رد ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو ته لاڪ ڊائون بيروزگاري ڪري عوام اڳم ئي بک بدحالي جو شڪار ۽ معاشي صورتحال تمام خراب آهي ،هوڏانهن جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف شيخ ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاھد چنا پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم محمد امين فھيم جي پٽ، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي ڀاءُ ۽ عمر ڪوٽ جي اڳوڻي ڊي سي مخدوم عقيل الزمان جي وفات تي دلي ڏک جو اظھار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.