ڪراچي ۾ پرڏيهي عورت کي گھٽو ڏئي مارڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ پرڏيهي عورت جي مبينه خودڪشي جو سٽ سلجهي ويو. چيو پيو وڃي ته عورت کي قتل ڪيو ويو. پوليس قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. قازقستان جي 53 ورهين جي عورت  سيوٽ لينا زال فاروق کي جناح اسپتال  آندو ويو هو  جتي پوسٽ مارٽم بعد پهرين پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ايل ايم او ان کي خود ڪشي لکيو هو. پوليس جي شڪ ڏيکارڻ تي ٻيهر ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو، ميڊيڪل بورڊ پوليس جو شڪ صحيح ثابت ڪري ڇڏيو، عورت کي گھٽو ڏئي ماريو ويو. جنهن بعد پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.