سنڌجي ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ لاءِ تياريون جاري، عارف علوي جي صدارت ۾ اجلاس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته ٻنڊاڙ آئيلينڊ ۽ راول سٽي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منصوبا آهن. وفاقي سرڪار ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ واري منصوبي تي عمل لاءِ صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا آهن. گورنر هائوس ۾ صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس دوران وڏن بلڊرز سوڌو ڪاروباري شخصيتن کي ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ واري پلان بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، ملڪ رياض، عقيل ڪريم ڊيڊي عارف حبيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي، بلڊرز ۽ سيڙپڪارن طرفان اڏاوتي شعبي لاءِ کنيل وفاقي سرڪار جي قدمن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنڊاڙ آئيلينڊ ۽ راول سٽي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منصوبا آهن، اُنهن سان نه رڳو ترقي جا نوان دڳ کُلندا، پر روزگار جا به بيشمار موقعا پيدا ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.