نيب سنڌ ۾ ڪورونا لاءِ پوڻا 8 ارب خرچ ڪرڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)نيب ڪورونا وائرس ايمرجنسي جي نالي تي سرڪار پاران چئين مهينن ۾ پوڻا اٺ ارب رپيا خرچ ڪرڻ واري رقم جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي،جڏهن نيب لاڳاپيل کاتن کان اسپيشل  گرانٽ ذريعي حاصل ڪيل فنڊن جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي،ذريعن موجب سرڪار ڪورونا ايمرجنسي جي نالي تي جاري ڪيل رقم 7 ارب 89 ڪروڙن جي خرچن ۽ استعمال بابت نيب ڇنڊڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي ناڻي کاتي،ريونيو،نجي اسپتالن توڙي اين جي اوز سميت مختلف اسپتالن کي اسپيشل گرانٽ ذريعي جاري ڪيل فنڊن جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آھي،نيب تحقيقات جي باقاعده منظوري ،ناڻي کاتي ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽرين  سميت فنڊز جي استعمال ۾ شامل ڪامورا نيب جي ريڊار تي اچڻ جو امڪان آهي،نيب ڪراچي پاران گڏيل تحقياتي ٽيم جوڙڻ ۽ ان ۾ طبي توڙي مالي معاملن جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ان سان گڏ شروعاتي تحقيقاتي رپورٽ پڻ نيب هيڊ ڪوارٽر کي موڪلڻ جو امڪان آهي،نيب پاران ڪورونا وائرس جي نالي تي استعمال ڪيل  پوڻا اٺ اربن جي فنڊز  جي تحقيقات شروع ٿيئڻ تي سرڪار لاءِ مُشڪلاتون وڌي وڃڻ جو امڪان آهي،ذريعن موجب ڳري رقم جي استعمال جا ٺوس ثُبوت ملڻ بعد نيب ڪراچي تحقيقات شروع ڪرڻ لاء تفصيلي رپورٽ جوڙڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ هڪ هفتي اندر جوڙيل  جامع رپورٽ نيب هيڊ ڪوارٽر کي اماڻي ويندي،ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس ايمرجنسي جي نالي تي ٿيندڙ خرچن جي تحقيقاتي ٽيم جوڙڻ ان ۾ طبي ۽ مالي معاملن جي ماهرن کي شامل ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي نيب ذريعن موجب نيب اختيارين ان وقت ئي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي جنهن وقت معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ويو ۽ ان کان پوءِ اخبار ۾ ان خرچن جا تفصيل آيا جنهن بعد نيب سنڌ سپريم ڪورٽ پاران سرڪار جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي مختلف سوال ڪيا ھُئا جنهن بعد نيب اختيارين سپريم ڪورٽ مان  سرڪار جي جمع ڪرايل رپورٽ جا نقل حاصل ڪري ورتا آهن  ۽ اخباري ڪٽنگز کي به رپورٽ ۾ مددي ڪاغذن طور شامل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.