سرعام ڦاهي جو مطالبو ڪندڙن تي فواد چوڌري جي تنقيد

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير فواد چوڌري عورتن جي بيحرمتي ڪندڙن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ  جي تجويز ڏيندڙ وفاقي وزيرن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته  زنده ساڙڻ، سر عام ڦاهي ڏيڻ، عضوا ڪاٽڻ جا مطالبا عوام طرفان اچڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر اسان جي وزيرن ۽ پڙهيل لکيل طبقن طرفان اهڙيون ڳالهيون اسان جي معاشري جي پر تشدد سوچ جو آئينو آهي. سر عام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ ٻين وفاقي وزيرن ڪيو هو، هن ٽوئٽ ۾ چيو ته اسان جو معاشرو تشدد کي هر مسئلي جو حل سمجهي ٿو.

 مخالف ڌر جون ٻئي پارٽيون مصلحت جو شڪار آهن : عبدالغفور حيدري

حيدرآباد(رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام ف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته حڪومت هر طرف کان ناڪامي جو شڪار ٿي وئي آهي، پهرين انهن 100 ڏينهن جو هدف ڏنو ته ميگا پروجيڪٽس آڻينداسين، جڏهن ته 300 ڏينهن گذري ويا، پر پنهنجي هدف تائين نه پهچي سگهيا. قاسم آباد ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون سان سندس  ڀاءُ جي وفات تي تعزيت  جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڇا رياست مدينا ۾ ائين ٿيندو آهي ته رستي ويندڙ عورت جي عزت محفوظ نه هجي، ماڻهو بک مرن . موجوده حڪومت هر هنڌ تي ناڪام ٿي وئي آهي. هاڻ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، موجوده حڪمران نااهل آهن. هن چيو ته  ملين مارچ ۽ آزادي مارچ ڪيو. پر بدقسمتي سان مخالف ڌر جون ٻئي پارٽيون مصلحت جو شڪار يا پنهنجي واري جي انتظار ۾ آهن. جيڪڏهن اسان گڏجي هلياسين ته حڪومت 5 ڏينهن به نه رهي سگهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.