ڪراچي ۾ گم ٿيلن ۽ شاگردن جي ڪئمپ تي مذهبي جماعت جي ڪارڪنن جو حملو

ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽي جي شاگردن  جي ڪئمپ تي مذهبي جماعت جي ڪارڪنن جو حملو، نوجوانن ۽ ڌرڻي ۾ موجود عورتن ٻارڙن تي تشدد ان ڏس ۾ انساني حقن جي اڳواڻ نغمه اقتدار  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان حملي کي اسين رياستي حملو سمجهون ٿا، اسين يڪجهتي طور سنڌي مسنگ پرسنز ۽ شاگردن وٽ پهتاسين پر اسان کي مذهبي انتها پسندن اسان کي چيو ته اوهين اتان نڪري وڃو نه ته اوهان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، نغه اقتدار وڌيڪ چيو ته انهن پريس ڪلب ۾ پناهه وٺي پنهنجي جان بچائي، انساني حقن جي اڳواڻ نروا چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي جماعتن کي کليل ڇوٽ مليل آهي ته هو ڪجھ به ڪري سگهن ٿا،  هن حملي جي مذمت ڪندي چيو ته مذهبي ڌريون ڪوبه الزام مڙهي ماڻهو ماري ڇڏين انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي، اسان هڪ بلاگر لاءِ احتجاج ڪيو سين ته اسان تي پٿر وسايا ويا، اڄ شاگردن ۽ سنڌي مسنگ پرسنز جي وارثن تي ٿيل حملو اظهار آزادي مٿان حملو آھي، نواز زئنور چيو ته انتهاپسندي کي ته کليل ڇوٽ آھي پر پنهنجن جو پڇاڻو ڪرڻ اسان وٽ وڏي ۾ وڏو ڏوھ آهي، اسين اهڙي عمل جي مذمت ڪيون ٿا، امير آزاد پنهور پنهنجي بيان ۾ چيو ته مظلوم قوم جا وارث احتجاج جي حق کان به محروم آهن، جڏھن ته سنڌ سڀا جي جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪراچي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سڀا جو لڳاتار ڌرڻو چوويهين ڏينهن به جاري هيو، مذهبي جماعت جي تنظيمن ڪئمپ تي حملو ڪري، مظلوم ڪٽنبن ٽوڙي همدرن سان ظلم ڪيو آهي، جاري ڪيل پريس رليز ۾ سنڌ سڀا ڄاڻايو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا ۽ کنڀي گم ڪيلن جي وارثن وڏي تعدد ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو . مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ سڀا سرواڻ سنڌي انعام، کنڀي گم ڪيل الله بخش جمالي جي امڙ ڄامزادي، کنڀي گم ڪيل  سردار ملاڻو جي ڀاءُ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نوجوانن، ٻارن ٻڍن کي بنا جواز، بنا ڪنھن ڏوھ جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو غيرانساني ۽ غيرقانوني عمل آھي،اسان جي گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان گھڙي ماڻھو کنڀڻ بند ڪيو وڃي، کنڀي گم ڪيل آخري ماڻهو جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو، جيئي سنڌ قومي پارٽي اڳواڻ  نواز خان زنئور خطاب ڪندي چيو ته احتجاج جڏهن رياستون ڪمزور ٿينديون آهن ته انهن جو ظلم وڌي ويندو آهي، سنڌين سان ظلم به رياستي ڪمزوري جو مظهر آهي، ان موقعي تي نور باگڙي، هاني بلوچ، ولي محمد راڄپر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

عاقب چانڊيو ۽ ٻين کنڀيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) عاقب چانڊيو جي وارثن جو عدالت وڃڻ جو اعلان  سومر ڏهاري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪراي ويندي ان ڏس ۾ ڪراچي پريس  ڪلب آڏو سنڌ سڀا جو 45 هين ڏينهن  ۽ عاقب چانڊيو جي وارثن ستين ڏينهن به  ٻيهر  کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو جي امڙ مخيتار بيگم چانڊيو. ڀينرن شازيا  چانڊيو . فضا چانڊيو. عاقب چانڊيو جي وني فروا چانڊيو ۽ سنڌ سڀا جي اڳواڻ سنڌي انعام جي اڳواڻي  ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مختيار بيگم چيو ته منهنجي پٽ عاقب چانڊيو  کي ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو آهي. سومر ڏهاڙي پٽ آزادي لاء سنڌ هاء ڪورٽ ۾ فرياد داخل ڪنديس. هن وڌيڪ  چيو ته عاقب  منهنجو آخري سهارو آهي جيڪو مون کان جبري طور کسيو ويو آهي. مان اعلي اخيتارين کان مطالبو ڪيان ٿي ته منهنجي پٽ کي ترت آزاد ڪيو وڃي. عاقب جي ڀيڻ شازيا چانڊيو  چيو ته مونکي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن. سنڌ مان گم ٿيل ڀائرن لاءِآواز اٿارڻ جي سزا ڏني آهي. آئون سومر ڏينهن عدالت جو در کڙڪائندس . سنڌ سڀا جي اڳواڻ سنڌي انعام چيوته سنڌ مان جبري گمشدگين مسلسل45  ڏينهن کان احتجاج جاري آهي پر ڪنهن به ان جو نوٽيس ناهي ورتو. احتجاج ۾ سنڌسجاڳي فورم جي ڳواڻ سارنگ جويو ۽ سهڻي جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي سياسي سماجي اڳواڻن جو مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

بدين ۾ گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ڌرڻو

بدين(پ ر)سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سڀا جو سنڌ جي ھر ضلعي ۾ احتجاج ۽ ڌرڻي جو سلسلو جاري، ان سسلسلي ۾ ڪالهه  بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو.ڪراچي مان سنڌ سڀا جو نڪتل قافلو سنڌي انعام جي اڳواڻي ۾ بدين پھتو، بدين پھچڻ تي کنڀي گم ڪيل شادي خان سومرو، محفوظ نوتڪاڻي جي وارثن سميت بدين واسين جو وڏو انگ مظاھري ۾ شريڪ ٿيو. جنھن کان پوءِ مظاھرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جتي ھنن  نعرا ھڻي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ جي گھر ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌي انعام، امير پنهور،  شاھنواز ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن، ٻارن ٻڍن کي بنا جواز، بنا ڪنھن ڏوھ جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو غيرانساني ۽ غيرقانوني عمل آھي، اسان جي پھرين ڏينھن کان اھا گھر آھي ته اسان جي گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان گھڙي ماڻھو کنڀڻ بند ڪيو، جي ڪنھن ڪو ڏوھ ڪيو آھي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، جي عدالت ۾ پيش نٿا ڪري سگھو يا انھن تي ڪو ڏوھ ثابت نٿا ڪري سگھو ته پوءِ پڪ توھان ڏوھي آھيو جو ماڻھن کي غيرقانوني طور پاڻ وٽ قيد ڪيون ويٺا آھيو، ڪنھن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏڻ غيرقانوني عمل آھي جيڪو برداشت نه ڪنداسين، اسان ان عمل خلاف احتجاج جو حق رکون ٿا. سنڌ تي ھر سامراج قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر سنڌين مزاحمت ڪري سڀني سامراجن کي ڊوڙايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.