شهباز صاحب !فرات ڪناري ڪتو نه عورت لٽي وئي آهي: سوشل ميڊيا

لنڊن ( م ڊ ) موٽر وي واقعي خلاف ملڪ ۾ سخت ڪاوڙ  ۽ نفرت جي لهر پکڙيل آهي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، هن حساس معاملي ۾ سي سي پي او لاهور جي بيان جي مذمت جاري آهي حڪومتي عهديدارن کي حساسيت جو خيال ڪندي مناسب لفظ استعمال ڪرڻ گهرجي ها، پر وزير اعظم عمران خان جي سياسي معاملن واري مددگار ڊاڪٽر شهباز گل هڪ اهڙي ٽويٽ ڪري ڇڏي جنهن ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو. شهباز گل لکيو ته ”مبارڪ هجي وزير اعليٰ عثمان بوزدار کي،آءِ جي پنجاب کي، سي سي پي او لاهور ۽ پوري ٽيم کي، ڊي اين اي ميچ ٿي ويو،  انشاالله جلد گرفتاري به ٿيندي، ڪم ڳالهائيندو آهي، لفظ نه، ويلڊن بوزدار“  بس پوءِ  ته مبارڪ جا لفظ سوشل ميديا صارفن کي سخت اگرا لڳا، هنن نه رڳو شهباز گل کي ، پر ان حوالي سان حڪومت تي به سخت تنقيد ڪئي. ليکڪا نور الهديٰ لکي ٿي ته ”هي مبارڪباد ڏيڻ جي ڳالهه آهي؟ پراڻو ڊي اين اي ميچ ٿيو ۽ مبارڪباد وزير اعليٰ  ۽ ان جي سي  سي پي او کي، جيڪو متاثر عورت تي الزام هڻي ٿو،“  هن چيو ته ” فرات ڪناري ڪتو نه پر عورت لٽي وئي آهي، اها عورت جيڪا انسان آهي ۽ اوهان مبارڪون ائين ڏئي رهيا آهيو ڄڻ ڪرڪيٽ  کٽي آيا هجو ۽ بوزدار ۽ سي سي پي او چوڪا ڇڪا هڻي آيا هجن“  مسلم ليگ ن جي حنا پرويز بٽ لکي ٿي ته ” مبارڪون وٺندي ۽ ڏيندي اوهان ماڻهن کي شرم نٿو اچي، ڏوهارين کي جهلڻ احسان نه اوهان جو فرض آهي“  حسين نالي هڪ صارف چيو ته اوهان کي شرم نٿو اچي، هڪ عورت جي هن جي ٻارن سامهون عزت لٽي وئي ۽ اوهان مبارڪباد ڏئي رهيا آهيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.