اي پي سي ۾ روايت کان هٽي فيصلا ڪرڻا پوندا: فضل الرحمان

اسلام آباد  ( م ڊ ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اسان کي روايت کان هٽي مضبوط فيصلا  ڪرڻا پوندا، مخالف ڌر جي روائتي فيصلن ۽ ٺهرائن جي ڪا به افاديت نه آهي.  جي يو آءِ سربراهه ڪالهه مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين  جي رهائشگاهه تي پهچي سندس عيادت ڪئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان  چيو ته چوڌري شجاعت سان ملاقات ۾ سياسي ڳالهه ٻول نه ٿي آهي، هن چيو ته 20 تاريخ تي مخالف ڌر ويهندي، مخالف ڌر کي ئي طئه ڪرڻو آهي ته ان کي ڪيترو حلوو کائڻو آهي، مخالف ڌر طئه نه ڪيو ته سڄو حلوو حڪمران کائي ويندا، هن چيو ته پ پ اي پي سي جي ميزبان آهي، هن موٽر وي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هاڻ عام عورت جي عزت به محفوظ نه آهي، ذميوار اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن جيڪي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.