سنڌ ورهاڱي جي سازش، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ سراپا احتجاج بڻيل

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪراچي ڪميٽي، ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي قبضن،  پاڻي  تي ڌاڙن، ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سکر ۾ لوڪس پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. احتجاجي ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، ضلعي صدر ذوالفقار ميراڻي، مهراڻ سومرو، وحيد سومرو، اياز ڪلوڙ، امتياز سانود، صدام کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي ريحانه بلوچ، سيما ڪلوڙ ۽ حنا بلوچ ڪئي. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ پنج هزار سالن کان سنڌين جو تاريخي وطن آهي. سنڌ تي ارغونن، ترخانن، عربن، فرهنگين ۽ ٻين حملي آورن ڪاهون ڪيون پر انهن ڦورئن، ظالمن، جابرن ۽ قبضاگيرن سان سنڌي ماڻهن مقابلا ڪيا ۽ جانن جو نظرانو ڏيئي پنهنجي ڌرتي ماءُ جو تحفظ ڪيو. هڪ دفعو ٻيهر سنڌ دشمن قوتون سنڌ تي حملا آور ٿيون آهن. ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد خالد مقبول صديقي ۽ پي ٽي آئي جا حڪمران بهانا بڻائي سنڌ جي ورهاڱي جا سنڌ ۽ ملڪ دشمن بيان ڏين ٿا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي جو ڪراچي صوبي لاءِ ڪراچي ۾ ريفرنڊيم ڪرائڻ وارو بيان سراسر سنڌ ۽ ملڪ دشمن بيان آهي. ملڪ کي روهائڻ جا مطالبا ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 تحت غدار جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ سنڌين لاءِ مقدس آهي. وسعت الله خان طرفان سنڌ جي وحدت خلاف ڏنل بيان جي شديد مذمت ڪندي اڳواڻن چيو ته ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ۽ ڪجهه ماڻهو صحافت جي نالي ۾ قومن جا قاتل دشمن آهن، اڳواڻن چيو ته گذريل 13 سالن کان وٺي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي واهن، شاخن، سم نالن ۽ ايل بي اوڊي جون کاٽيون نه ڪرايون ويون ۽ هر سال کاٽين جي بهاني کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي ماڻهن کي برساتي پاڻي ۾ ٻوڙي دربدر ڪندڙ ڪامورن ۽ حڪمرانن خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.