اي پي سي ۾ روايت کان هٽي مضبوط فيصلا ڪرڻا پوندا: مولانا فضل الرحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اي پي سي ۾ اسان کي روايت کان هٽي مضبوط فيصلا ڪرڻا پوندا، اپوزيشن جي روايتي فيصلن ۽ ٺهرائن جو ڪو فائدو نه ٿيندو.

مولانا فضل الرحمان ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان عيادت لاءِ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.

ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چوڌري شجاعت سان ملاقات ۾ سياسي ڳالهيون نه ٿيون.

هن چيو ته اپوزيشن 20 تاريخ تي ويهي رهي آهي، پ پ اي پي سي جي ميزبان آهي، اسان کي روايت کان هٽي مضبوط فيصلا ڪرڻا پوندا، اپوزيشن جي روايتي فيصلن ۽ ٺهرائن جو ڪو فائدو نه ٿيندو.

موٽر وي واقعي تي سندس چوڻ هو ته هاڻ ملڪ ۾ عام عورت جي عزت به محفوظ ناهي، رستي ويندڙ عورت جي سزا تي ڌاڙو هڻندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ذميوار اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، جيڪي ڦٽن جي وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ برابر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.