ڪورونا ويڪسين ٺاهيو نه ته جواني گذري ويندي: ملائڪا جو قرنطينه مان پيغام

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جو شڪار بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا جلد ويڪسين ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ناليواري اداڪارا ملائڪا اروڙا ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ اڄڪلهه اڪيلائيءَ ۾ وقت گذاري رهي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تائين گهر ۾ ئي رهنديس ۽ ڪنهن سان به نه ملنديس.

قرنطينه ۾ ڪجهه ڏينهن مس گذاريندڙ ملائڪا اروڙا بوريت جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ هن سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ”ڪورونا ويڪسين ٺاهيو نه ته جواني گذري ويندي“.

جيتوڻيڪ ملائڪا اروڙا پنهنجي پوسٽ ۾ مزاحيا ايموجيز به شامل ڪيا آهن پر حقيقت اها آ ته سڀ ڪو ڪورونا ويڪسين جي تياريءَ جو منتظر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.