”سنڌين ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وارا سنڌين ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ چاهين ٿا.

ڪورنگي ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين اسان سڀني جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون،  ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، ٿر ۾ ٻار مري رهيا آهن، ڪنهن کي پرواهه ناهي.

هن چيو ته 30 سالن تائين ڪراچي تي حڪمراني ڪندڙن شهر لاءِ ڪجهه نه ڪيو، ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين برسات جو پاڻي بيٺو آهي، ڪراچي کي امداد جي ضرورت ناهي، هي شهر سڄي پاڪستان کي پالڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي لاوارث هجڻ جو تاثر غلط آهي، هر ٻار شهر جو وارث آهي، ڪرپشن لڪائڻ لاءِ نئين صوبي جو نعرو هنيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.