فيصل آباد ۾ هڪ ئي ڏينهن 5 ٻارن سان زيادتي جا واقعا

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ هڪ ئي ڏينهن 3 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته 4 ورهين جي ٻارڙي ۽ 15 ورهين جي نينگري سان به زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪنهن به واقعي جو جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.
پوليس رپورٽ موجب تاندليانواله ۾ جوابدار سلمان 4 ورهين جي ٻارڙي کي ورغلائي پنهنجي اوطاق ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته ٻارڙي جي رڙين تي سندس وارث پهچي ويا ۽ جوابدار فرار ٿي ويو.
ساڳي ئي علائقي ۾ 15 ورهين جي نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جي دانهن تي علائقي واسين پهچي کيس بچائي ورتو ۽ جوابدار وجهه وٺي ڀڄي ويو.
ٻين واقعن ۾ 7 کان 10 سالن تائين عمر جي 3 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي.
نيو سول لائن ۾ دڪان تان شئي وٺڻ ويندڙ 9 ورهين جي ٻار سان دڪاندار زيادتي ڪئي، جڏهن ته ستيانه جي چڪ 33 گ ب ۾ جوابدار عظمت هٿان 10 ورهين جو ٻار ۽ سمندري جي چڪ 487 گ ب ۾ جوابدار عبدالرحمان 7 ورهين جي ٻار کي زيادتي جو نشانو بڻايو.
پوليس موجب ڌار ڌار واقعن جا ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.