قاضي احمد: وارثن جو نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

قاضي احمد ۾ رهواسين پاران نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شوڪت ڪالوني جي راهواسڻ پيرسن عورت مسمات امڻان خاتون ڪٽنب سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته  ڇھ ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن قاضي احمد ٿاڻي جي پوليس  بنا  جواز سندن گھرن تي  چڙهائي ڪري نوجواز کي کنڀڻ کان پوءِ قتل ڪري لاش برساتي پاڻي ۾ اڇلي ڇڏيو هو.

مقتول الهڏتي جي ڀائرن حمير، سليم ۽ ڀيڻ ارباب خاتون الزام هندي چيو ته اسان نوجوان جو مڙه رکي لاش رکي احتجاج ڪيو جنهن کان پوءِ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد خاطري ڪرائي هئي ته احتجاج ختم ڪيو اوهان سان انصاف ڪيو ويندو.

پر 6 ڏينهن گذرڻ باجود پوليس جوابدار جي ڌر بڻجي هنن خلاف ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري.

هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملوث اھلڪارن خلاف خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.