مانجهند: ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

مانجهند ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ ڏيٿا جي رهواسين خداڏنو ڏيٿو ۽ عورتن پاران مانجهند ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر جوابدار پوڙھي جوڳياڻي ۽ٻين سندن زمين تي قبضو ڪري کين بي دخل ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي ڏئي رهيا آهن.

هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس جوابدارن جي ونگار وهندي هنن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو  ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.