ٺٽو: برسات کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، شهري پريشان

ٺٽي ۾  برسات کي  10 ڏينھن گذرڻ باوجود  شھر سميت سرڪاري عمارتن مان برساتي پاڻي نيڪال ن ٿي سگھيو .

سانوڻي جي وسڪاري کي ڏھ ڏينھڻ گذري وڃڻ باوجود آمري اسٽاپ، ڪچي آبادي ايريگيشن آفيس ھاءِ اسڪول ٺٽو، شھيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس، ٺٽو عجائب گھر، مختيارڪار آفيس سميت ٺٽي شھر جي مختلف پاڙن ۾ هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگھيو جنھن سبب شھرين تڪليفن کي منھن ڏئي رهيا آهن. جڏھن ته انتظاميا  برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا جنهن سبب شهر شهر ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.