عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا سين:فريال ٽالپر

پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ پاڪستان جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر چيو آهي ته عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه  ڇڏيندا سين.

اهڙن خيالن جو اظهار هن دوڙ ۾ رٿيل هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته پ پ هر ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهي برسات سبب آبادگارن توڙي عوام جو  وڏو نقصان ٿيو آهي.

هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي فصلن جي ٿيل نقصان بابت آگاهه ڪنديس.

ان موقعي تي  آبپاشي وزير سهيل انور سيال، ضياء الحسن لنجار، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻيان ساڻس گڏ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.