دوڙ: روڊ ڪراس ڪندڙ نينگري ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت

دوڙ ڀرسان روڊ پار ڪندي 10 ورهين جي نينگري ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي.

10 ورهين نينگري ماه نور ڌي ناصر بلوچ ماء کان هٿ ڇڏائي مهراڻ نيشنل هاءِ وي روڊ پار ڪري رهي هئي ته حيدرآباد کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي دوڙ اسپتال پهچايو ويو جتي سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي

اطلاع تي  دوڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪار ڊرائيور  وقار ڪشميري کي گرفتار ڪري ڪار کي  پنهنجي تحويل ۾ ورتو جڏهن ته  نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.