سکر: عوامي تحريڪ جو سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ورهاڳي جي سازش خلاف احتجاج

سکر ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري،  سنڌ ورھائڻ واري سازش خلاف قاسم پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ،

ريليءَ ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سجاگ ٻار تحريڪ جي ڪارڪنن  به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن  نور احمد ڪاتيار ، سيما ڪلوڙ ۽ ٻين چيو  ته سنڌ خلاف ڪنھن به  سازش کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين سنڌ دشمن قوتون سنڌ ۾ ڌارين کي آبادڪري سنڌين کي پنھنجي ئي ڌرتي تي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم  سازش ڪن پيون.

هنن چيو ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي ڪراچي ڪاميٽين کي رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.