بلاول جو حق نه ملڻ جي صورت ۾ اسلام آباد رُخ ڪرڻ جو بيان درست آهي: مراد علي شاهه

 

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌ کي حق نه ملڻ جي صورت ۾ اسلام آباد جو رخ ڪرڻ واري بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي وفاق کان اين ايف سي سميت پنھنجا حق ٻن سالن کان نه ملي رھيا آهن.

سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم کي آگاهي باوجود ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ڪئي وئي، وفاق سنڌ کي جائز حصو ڏيڻ بابت جيڪي به واعدا ڪيا، اھي ڪڏهن پورا نه ٿيا آهن، نه ئي ٻن سالن ۾ انهن روينيو وڌايو آهي.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته 2017 واري ڪيل آدمشماري سي سي آءِ مان اڃا تائين پاس ناهي ٿي سگهي، ان جي پاس ٿيڻ ۽ تڪبندين ۾ ايندڙ تبديلين کانپوءِ مڪاني چونڊون ٿينديون.

سندس چوڻ هو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد وڃڻ بابت جيڪو بيان ڏنو، اهو صورتحال کي ڏسي ڏنو، مان پاڻ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪيو، بلاول صاحب چيو آهي ته جيڪڏهن حق نه مليا ته اسلام آباد وڃي حق وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.