پاڪ فوج جي وڏي ڪارروائي، دهشتگرد ڪمانڊر 3 ساٿين سميت مارجي ويو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي دهشتگرد ڪمانڊر احسان سنڙي ۽ سندس 3 ساٿين کي ماري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي غذيون ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آپريشن دوران دهشتگرد ڪمانڊر احسان سنڙي ۽ ان جا 3 ساٿي مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب احسان سنڙي دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن جو ماسٽر مائنڊ هو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا ۾ به ملوث هو ۽ هو سي ٽي ڊي پوليس کي به گهربل هو.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته احسان سنڙي ڪجهه ڏينهن اڳ شڪتو ۾ ڪيل ان حملي جي رٿابندي ۾ به ملوث هو، جنهن ۾ ليفٽيننٽ ناصر ۽ ڪيپٽن صبيح شهيد ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.