”عمران خان کي پاڻ سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ملڪ هلائڻ سندس وَس جي ڳالهه ناهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته فرانزڪ ليب مان موٽر وي زيادتي ڪيس جي جوابدارن جي نشاندهي کانپوءِ حڪومت ٿوري رازداري سان ڪم نه وٺي سگهي ۽ ڄاڻ ليڪ ڪري جوابدارن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جهڙو اناڙي عمران خان هيو، اهڙي ئي ٽيم پنجاب ۾ آندي اٿائين، حڪومت جو ڪم آهي ته جن جوابدارن جي نشاندهي ٿي انهن کي گرفتار ڪري، حڪومت جوابدارن جي سڃاڻپ ليڪ ڪئي ۽ کين فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو، حڪومت جي نااهلي سبب جوابدار فرار ٿيا.

هن چيو ته عمران خان عورتن جي حقن جو وڏو چيمپيئن بڻجندو هو پر موٽر وي واقعي ۽ سي سي پي او جي نازيبا بيان جي مذمت تائين نه ڪيائين، هن حڪومت ۾ آڱر ڏوهي تي نه پر عورت تي اُٿي، هي نالائق حڪمران ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن، حڪومت رڳو سوشل ميڊيا ٽرينڊ تي هلي رهي آهي، حڪومتون ائين ناهن هلنديون، عمران خان کي پاڻ سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ملڪ هلائڻ ان جي وس جي ڳالهه ناهي.

سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف مسلسل هارائيندي رهي آهي، تنهن ڪري پنجاب جي عوام کان پلاند وٺڻ لاءِ عثمان بوزدار کي وڏو وزير بڻايو ويو، دنيا پنجاب ۾ تحريڪ انصاف حڪومت جي ناڪامي جي شاهدي ڏئي رهي آهي، ائين اسڪول ٽيچر کي ئي تبديل ناهي ڪيو ويندو جيئن آءِ جي کي مَٽايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.