فواد چوڌري ”سرعام ڦاهي“ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيرن ۽ پڙهيل لکيل طبقن طرفان سرعام ڦاهيءَ جو مطالبو اسان جي معاشري ۾ تشدد جي سوچ جي عڪاسي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته جيئرو ساڙي ڇڏيو، جسماني عضوا وڍي ڇڏيو، سرعام ڦاهي ڏيو، عوام طرفان اهڙو ردعمل ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر اسان جي وزيرن ۽ پڙهيل لکيل طبقي طرفان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ اسان جي معاشري ۾ تشدد جي سوچ جي عڪاسي آهي، جيڪا تشدد کي هر مسئلي جو حل سمجهي ٿي.

واضح رهي ته لاهور موٽر وي تي عورت سان اجماعي لڄالٽ جي واقعي کانپوءِ عوام سميت حڪومتي وزيرن به سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي ۽ جوابدارن جي سرعام ڦاهيءَ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.